دل
دل Heart | |
---|---|
انساني دل جي ڌڙڪڻ جو اندروني منظر | |
تفصيل | |
عضون جو نظام | رت جو گردشي نظام |
شريان | آئورٽا[1]ڦڦڙ ۽ ڦڦڙن واريون ساڄيون ۽ کاٻيون شريانون،[2] ساڄي ڪارونري شريان، کاٻي وڏي ڪارونري شريان[3] |
نس | دل جي وڏي نس، دل جي ننڍي نس،[lower-alpha 1] کاٻيون ۽ ساڄيون ڦڦڙن واريون نسون،[lower-alpha 2]، دل جي وڏي نس، دل جي وچولي نس، دل جي ننڍي نس، دل جون اندريون نسون[lower-alpha 3] |
تنت | ايڪسيليران عصب (Accelerans nerve)، ويگس عصب (vagus nerve) |
سڃاڻپ ڪندڙ | |
لاطيني ٻولي | ڪار |
يوناني ٻولي | ڪارڊيا (καρδία) |
ائناٽامي جا محاورا | A12.1.00.001 |
ائناٽامي جا محاورا |
Problems playing this file? See media help. |
دل (Heart) انسان جي سيني ۾ هڪ عضوو آهي جيڪو سموري جسم کي رت پهچائيندو آهي. اسان جي دل ٻٽي پمپ وانگر آهي. ان جو ڪم هر هر سسڻ ۽ ڦنڊڻ سان رت جي داٻ کي قائم رکڻ آهي. دل جي بناوت چئن خانن تي مشتمل ٿئي ٿي، ساڄي پاسي وارن خانن جو ڪم، استعمال ٿيل رت کي گڏ ڪرڻ ڦڦڙن ۾ آڪسيجن حاصل ڪرڻ لاءِ پمپ ڪرڻ آهي. جڏهن ته دل کاٻي پاسي وارا خانا صاف رت حاصل ڪري بدن جي مختلف حصن ڏانهن اماڻين ٿا.
اسان جي زندگيءَ جو دارومدار دل جي ڌڙڪندو رهڻ تي آهي. ڏينهن رات، جاڳندي سمهندي، هلندي ڦرندي دل ڌڙڪندي رهي ٿي. جيئن جسم کي رت وسيلي آڪسيجن ۽ توانائي پهچي سگهي. هن ننڍڙي عضوي جي ڪارڪردگي جو اندازو انهيءَ مان لڳايو وڃي ٿو ته، ماڻهوءَ جي دل هڪ منٽ ۾ تقريبن 72 ڀيرا ڌڙڪي ٿو، يعني هر ڌڙڪي سان دل مان سراسري 80 کان 100 ملي ليٽر رت خارج ٿئي ٿو. يعني هڪ منٽ ۾ تقريبن پنج لٽر رت ۽ هڪ ڏينهن ۾ تقريبن ڏهه هزار لٽر رت پمپ ڪيو وڃي ٿو، ڀڄڻ يا ڊوڙڻ، ڳورو ڪم ڪرڻ ۽ ورزش دوران دل جو ڪم ڪئي ڀيرا وڌي وڃي ٿو.
هڪ سراسري زندگي جي عرصي ۾ دل مجموعي طور تقريباََ پنجويهه ملين لٽر کان وڌيڪ رت پمپ ڪري ٿو. سڄو ڪم دل ڪري ٿو، پيدائش کان موت تائين 60- 70 سال مسلسل، بغير ڪنهن وقفي، بغير ڪنهن رڪاوٽ ۽ مرمت جي لڳاتار ڌڙڪندو رهي ٿو.
دل کانسواءِ جسم جا سڀ عضوا دماغ جي اثر هيٺ هوندا آهن ۽ تنتي تحرڪ وسيلي ڪم ڪندا آهن، جيڪو دماغ يا حرام مغز (Spinal Chord) مان اعصابي رڳن وسيلي عضون تائين پهچي ٿو، پر قدرت دل جي ڌڙڪڻ جو سرشتو خودڪار رکيو آهي.
دل جي ڌڙڪڻ جو هيءُ پاڻ مرادو حرڪت جو مرڪز دل جي ساڄي ڪنوتي (Right Auricle) ۾ مٿئين پاسي واقع هوندو آهي، ان کي سائينس نوڊ (Sinus Node) چئبو آهي. هي مرڪز مخصوص گهرڙن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ پاڻمرادو حرڪت جي پيدائشي صلاحيت هوندي آهي، تحريڪ اتان شروع ٿي، پهريائين ٻنهي ڪنوتين يعني دل جي مٿين خانن ۾ ڦهلجندي آهي. ان سان گڏ پهرين اهي سسندا آهن. پوءِ اها تحريڪ ٻئي مرڪزي اي.وي. نوڊ (A.V. Node) سان ٿيندي آهي. ٿورڙي وقفي سان دل ۾ اندر خاص ڌاڳن "هس بنڊل" (Bundle of His) وسيلي دل جي هيٺين خانن وينٽريڪل (Ventricles) ۾ پهچي دل جي سڀني عضون تائين پهچي وڃي ٿو، ٿورڙي وقفي اهي ٻئي سسن ٿا. ائين دل جي ڌڙڪي جا ٻه حصا ٿيندا آهن، جيڪي آواز به پيدا ڪندا آهن، ڌڙڪڻ جي پهرين حصي ۾ رت مٿين خانن مان هيٺين خانن ۾ اچي ٿو ۽ ٻئي حصي ۾ رت ساڄي ڪنوتيءَ مان ڦڦڙن ڏانهن ۽ کاٻي ڪنوتيءَ مان بدن ڏانهن پمپ ڪيو وڃي ٿو.
دل جي حرڪت تاندورن ۽ گهرڙن ۾ ڦهلجڻ دوران عارضي برقي تبديليون به پيدا ٿينديون آهن، جن کي اي.سي.جي. (Electrocardiography) وسيلي رڪارڊ ڪيو ويندو آهي، جنهن مان ڊاڪٽر خبر لڳائيندا آهن ته، دل جي ڪهڙي حصي ۾ حرڪت جي رڪاوٽ يا تاندورن جي ڪمزوري آهي يا ناهي. انهيءَ سان دل جي بيمارين جي سڃاڻپ ۾ مدد ملندي آهي.[4]
انساني دل جي بناوٽ
[سنواريو]انساني دل جي اندر چار خانا chambers ھوندا آھن:
1.ساڄو خانو يا ساڄو ايٽريم (right atrium)
2.کاٻو خانو يا کاٻو ايٽريم (Left Atrium)
3. ساڄو وينٽريڪل (Right Ventricle)
4.کاٻو وينٽريڪل (Left Ventricle)
مٿيان ٻه خانا ڪجهه سنھن تھن (thin walled) جا ٺھيل ھوندا آھن جن کي ايٽريا چوندا آهن جڏھن تہ ھيٺيان ٻہ خانا ٿلھن تھن جا ٺھيل ھوندا آھن جن کي وينٽريڪلس چوندا آهن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ دل کان جسم طرف نڪرندڙ،
- ↑ شريانون جن ۾ آڪسيجن کان بغير رت شامل، جيڪي دل کان ڦڦڙن ۾ رت کڻن ٿيون،
- ↑ دل ۾ رت کڻي ويندڙ شريانون
- ↑ ڪتاب: "ٻالڪ سائنسي انسائيڪلو پيڊيا"Sindhi Adabi Board Online Library (Science_n_Tech)
حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref>
آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/>
نہ مليو