مواد ڏانھن هلو

عرب اسرائيل جنگ 1948

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

1948 واري عرب اسرائيل جنگ
سلسلو 1947 کان 1949 تائين فلسطيني جنگ

ڪيپٽن ايبراھام ادن موجوده ايلات واري جاء تي واقع ام رشرش تي انڪ فليگ چاڙھي جنگ ختم ٿيڻ جو ٻڌائي رھيو آھي.
تاريخ15 مئي 1948 – 10 مارچ 1949
(9 مهينوَ, 3 هفتوَ and 2 ڏينهنَ)
آخري جنگبندي وارو معاھدو 20 جولاءِ 1949 تي ٿيو
مقاماڳوڻو برطانوي مينڊيٽ وارو فلسطين، سينائي اپٻيٽ ۽ ڏکڻ لبنان
نتيجو
  • جنگ ۾ اسرائيل جي فتح ٿي.
  • اردن جي جزوي فتح ٿي[6][7]
  • فلسطيني عربن شڪست کاڌي.
  • مصر کي شڪست آئي.
  • عرب ليگ جي حڪمت عملي ناڪام ٿي.
  • آرمسٽس معاهدو، 1949
علائقائي
تبديليون
اسرائيل گڏيل قومون جي ورھاست واري منصوبي تحت ڏنل ايراضي پنھنجي اختيار ۾ رکڻ سميت عرب رياست کي ڏنل ايراضي جو سٺ سيڪڙو تي قبضو ڪري ورتو، اولھ واري ڪناري تي اردن جي حڪومت قائم ٿي. غزہ جي پٽي تي مصر جو قبضو ٿيو.
شريڪ جنگ

 اسرائيل


26 مئي 1948 کان اڳ: نيم فوجي گروپ:


26 مئي 1948 کان پوءِ:
اسرائيلي بچاء لاءِ فوجون


ٻاھريان مددگار:
محال

بي قائدي فوج:
سموري فلسطيني قوم مجاھدن جي فوج مقدس جنگ جي فوج
عرب لبريشن آرمي


ٻاھريان مددگار:
مسلم برادري
 پاڪستان
سوڊان[5]
سپهہ سالار ۽ رهنما

سياستدان:
اسرائيل ڊيوڊ بن گوريئان
سپھ سالار:
اسرائيل اسرائيل گئليلي
اسرائيل يعقوب دوري
اسرائيل يگائل يادين
اسرائيل مڪي مارڪوس 
اسرائيل ايگال ايلن
اسرائيل اسحاق ربن
اسرائيل ڊيوڊ شيلٽئل
اسرائيل موشي دايان
اسرائيل شمن ايويدان
اسرائيل موشي ڪارميل

اسرائيل اسحاق صادح

سياستدان:
عرب ليگمملڪت مصر اعظم پاشا
مملڪت مصر شاھ فاروق اول
اردن شاھ عبدالله اول
مملڪت عراق مزاھم الپاچاچي
جمهوريه شام (1946–63) حسني الزئيم
سموري فلسطيني قوم مجاھدن جي فوج مفتي اعظم امين الحسيني
سپھ سالار:
مملڪت مصر احمد علي المواوي
مملڪت مصر محمد نغوئب
اردن جان بئگاٽ گلب
اردن حابس المجالي
حسن سلامه 

فوشي القاوقجي
طاقت
اسرائيل: 29,677 (شروع ۾ )
117,500 (آخر ۾)[Note 1]

مصر: 10,000 شروع ۾ وڌي 20،000 تائين
عراق: شروع ۾ 3,000 پوء وڌي 15,000 – 18,000 تائين
شام: 2,500 – 5,000
ٽرانس جارڊن : 8,000 – 12,000
لبنان: 1,000[9]
سعودي عرب : 800 – 1,200 (مصري فوجي ڪمان)
يمن: 300
عرب لبريشن آرمي : 3,500 – 6,000.

جملي تعداد :
13,000 (شروع ۾ )
51,100 (گھٽ ۾ گھٽ )
63,500 (وڌ ۾ وڌ)[Note 2]
نقصان

اسرائيلي:

6,373 مارجي ويا (جن ۾ 4000 جي لڳ ڀڳ ويڙھاڪ ۽ 2400 شھري

عرب فوج:
3,700 – 7,000 مارجي ويا
فلسطيني عرب:
3,000 – 13,000 مارجي ويا (جن ۾ ويڙھاڪ ۽ شھري شامل)

[10]

عرب اسرائيل جنگ 1948 (انگريزي: 1948 Arab–Israeli War) جنھن کي اسرائيل ۾ جنگ آزادي سڏيندا آهن، اسرائيل جي نالي نئين قائم ٿيل رياست ۽ عرب ملڪن جي فوجي اتحاد جي وچ ۾ لڳل جنگ جو نالو آهي، جيڪا برطانيه جي ٻين مھاڀاري جنگ کانپوءِ نگراني ۾ آيل برطانوي مينڊيٽ وارو فلسطين جي علائقي تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ لڳي ھئي. ھن جنگ کي "پھرين عرب اسرائيل جنگ" بہ چوندا آھن.

1917ع ۾ بالفور واري اعلان ۽ 1920ع ۾ برطانوي مينڊيٽ واري فلسطين جي قيام کان پوءِ يھودين ۽ عربن وچ ۾ ھلندڙ دٻاءُ واري حالت، تڪرار جي صورت اختيار ڪئي. 1936ع کان 1939ع جي وچ تائين ھلندڙ مخالفت، فلسطين ۾ عرب انقلاب کي جنم ڏنو ۽ وري 1944ع کان 1947ع تائي ھلندڙ يھودين جي مخالفت وري يھودي بغاوت کي جنم ڏنو. انھن ٻنھي دٻاءُ وارين حالتن 1947ع ۽ 1948ع ۾ گھرو ويڙھ کي جنم ڏنو، خاص طور تي 29 نومبر 1947ع تي گڏيل قومن جي مينڊيٽ واري فلسطين جي ٽن حصن ۾ ورھائڻ جي اعلان بعد؛ جنھن تحت ھڪ حصو عربن جي رياست، ٻيون حصو يھودين جي رياست ۽ ٽيون حصو بين الاقوامي علائقو جنھن ۾ [[[يروشلم|بيت المقدس]] ۽ بيت اللحم جا شھر شامل ھيا.

15 مئي 1948ع تي فلسطين جي گھرو ويڙھ اسرائيل ۽ عرب ملڪن وچ ۾ تڪرار جي صورت اختيار ڪئي ۽ اسرائيل جي خودمختياري جي اعلان]] کانپوءِ مصر، اردن، شام ۽ عراق جون فوجون فلسطين ۾ داخل ٿي ويون. انھن مان اردن 2 مئي تي يھودي سفارتڪارن سان ڳالھيون ڪري جنگ کان پاسو ڪرڻ جو واعدو ڪيو ھو. جنگ جي نتيجي ۾ اسرائيل گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد نمبر 181 موجب فلسطين جي تقسيم جي منصوبي تحت کيس مليل علائقي کان سواءِ فلسطيني رياست جي بہ 60 سيڪڙو حصي تي قابض ٿي ويو.[11] ان 60 سيڪڙو عرب علائقي ۾ جافا، لڊا،رملا، گليلي ۽ نيگيو جا ڪجهه علائقا شامل ھيا. باقي 40 سيڪڙو فلسطين جا علائقا جن ۾ بيت المقدس کان تل ابيب روڊ جو وڏو حصو، اولھ بيت المقدس ۽ اولهندي ڪناري جا ڪجهه علائقا ٽرانس جارڊن يا اردن جي قبضي ۾ آيا، جيڪي اردن پنھجي ملڪ م ملائي ڇڏيا. غزہ جي پٽي تي مصر جو قبضو ٿي ويو.

پھرين ڊسمبر 1948 ۾ تي جيروڪو ڪانفرنس ۾ 2000 فلسطيني وفدن فلسطين ۽ ٽرانس جارڊن جي انضمام جو مطالبو ڪري عرب اتحاد طرف قدم وڌايو[12] پر فلسطيني عربن جي رياست قائم نہ ٿي سگھي. تڪراري علائقي جي اندر نسلي مردم شماري جي تبديلي آڻي ڇڏي. جنگ بعد اٽڪل ست لک فلسطينين کي بي گھر ڪري اسرائيل جي علاقن مان تڙيو ويو. جن کي فلسطيني پناھگير چيو ويو. پناهگيرن سان جيڪو گذريو ان کي النقبہ جو نالو ڏنو ويو يعني تباھي. جنگ جي خاتمي کان پوء رڳو ٽن سالن ۾ ست لک يھودي اسرائيل لڏي آيا انھن ۾ وڏو تعداد انھن جو ھو جن کي عرب ملڪن مان تڙيو ويو ھو.[13]

جنگ جو پسمنظر

جنرل اسيمبلي جي قرارداد نمبر 181 تحت تجويز ڪيل برطانوي مينڊيٽ واري فلسطين جي تقسيم جو نقشو جنھن ۾ نيري رنگ ۾ يھودي رياست، نارنگي رنگ ۾ فلسطيني عربن جي رياست ۽ ان ۾ اڇي رنگ سان بيت المقدس وارو ننڍڙي بين الاقوامي علائقو

ٻين مھاڀاري جنگ جي خاتمي بعد عرب قومون برطانوي (ليگ آف نيشنز واري) مينڊيٽ وارن علائقن ۾ اڀرڻ لڳيون. ٽرانس جارڊن وارو علائقي ۾ عربن جي ھاشمي خاندان جي عبدالله اول 1946ع ۾ ٽرانس جارڊن برطانيا کان آزاد ڪرايو ۽ 1949ع ۾ ان ملڪ جو نالو تبديل ڪري اردن رکيو. آزادي کان پوءِ بہ شاھ عبدالله برطانيا جي زبردست اثر ھيٺ ھيو. مصر بہ 1922ع ۾ آزاد ٿيو ۽ اتي قائم ٿيل بادشاھت بہ نالي ماتر خودمختيار ھئي ڇو تہ برطانيا اڃان اتي پنھجو اثر جاري رکندو پيو اچي ايستائين جو اينگلو ايجپٽن ٽريٽي، 1936 عمل ۾ آيو جنھن اتي برطانيا جي فوجي چرپر کي صرف سوئيز ڪئنال واري گيريزن تائين محدود ڪيو جيڪا بہ 1945ع تائين قائم رهي سگهي. 1943ع ۾ لبنان بہ آزاد رياست بڻجي ويو پر فرانسيسي فوج اتي پوء به 1946ع تائين رھي ۽ ساڳي سال شام بہ فرانس کان آزادي ماڻي. 1945ع ۾ مصر، عراق، شام، لبنان، يمن، ٽرانس جارڊن، ۽ سعودي عرب پاڻ ۾ ملي عرب ملڪن جي وچ ۾ ويجھڙائي وارين پاليسين کي رابطن ھيٺ رکڻ خاطر عرب ليگ ٺاھي، ۽ ھڪٻئي جي دفاع لاءِ معاھدي تي صحيحون پڻ ڪيون. انھن مان سعودي عرب، مصر ۽ شام کي انديشو ھيو تہ ٽرانس جارڊن فلسطين کي مڪمل يا جزوي طور تي پنھنجي ملڪ ۾ ملائي ڇڏيندو ۽ ان سرزمين وسيلي شام ، لبنان ۽ حجاز تي حملي ڪرڻ يا انھن ملڪن کي ڪمزور ڪرڻ جي قابل ٿي سگھندو.[14] 29 نومبر 1947 تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي قرارداد پاس ڪري فلسطين کي ٽن حصن ۾ ورھائڻ جي تجويز منظور ڪئي.[15] ان قرارداد جي يھودين آجيان ڪئي پر عرب ان تي ناراض ٿي پيا. فلسطين ۾ پرتشدد مظاهرا شروع ٿي ويا، جيڪي وڌي 1947 ۾ وڏي پيماني تي گھرو جنگ جي صورت اختيار ڪري ويا.[16][17][18][19][20][21] جنوري کان پوءِ عرب لبريشن آرمي جون سرگرميون وڌي ويون ۽ انھن گليلي ۽ سماريا ۾ پنھنجي طاقت کي وڌايو. [22] عبدالقادر الحسيني سوين مجاھدن جي لشڪر سان مصر کان آيو ۽ فلسطين ۾ ڪجهه ھزار نوان مددگار ڀرتي ڪيا ۽ بيت المقدس ۾ ھڪ لک يھودين جو گھيرو ڪيو.[23] ان کي روڪڻ لاءِ يھودي اختيارين ھڪ سئو کن جنگي گاڏين جو قافلو روانو ڪيو. الحسيني جي مجاھدن ھگانا جي ان قافلي کي تباھ ڪري ڇڏيو ۽ يھودين جو گھيرو تنگ ڪيو، سوين ھگانا جا ھٿياربند جيڪي گھيري اندر يھودين کي رسد پھچائڻ جي ڪوشش ڪن پيا، سي مارجي ويا.[24] حالات ڏاڍا خراب ٿي ويا ھئا پر يھودي آبادي قبضو ڇڏڻ لاء تيار نہ ھئي.[25] عرب آبادي بہ ان گھرو ويڙھ ۾ غير محفوظ ٿي وئي هئي. ھائفا، جافا ۽ بيت المقدس مان ۽ يھودين جي اڪثريت وارن علائقن مان وچولي ۽ مٿئين طبقن سان تعلق رکندڙ لڳ ڀڳ ھڪ لک عرب لڏي ٻين علائقن يا اوڀر وارن ملڪن ڏانھن ھليا ويا.[26] اتي حالتون بگڙي وڃڻ ڪري آمريڪا فلسطين جي تقسيم واري تجويز تان ھٿ کڻي ويو ۽ عرب ليگ جي حوصلا افزائي ڪئي تہ جيئن عرب سمجھن تہ عرب لبريشن آرمي جي اضافي سان تقسيم جي تجويز جو خاتمو اچي ويندو. ٻئي طرف برطانيا 7 فبروري 1948 تي فلسطين جي عرب علائقن کي ٽرانس جارڊن ۾ ضم ڪرڻ جي حمايت جو فيصلو ڪيو.[27] يھودين ۾ به ان خيال زور ورتو ته سندن شڪست جو سبب انھن جي ڪمزوري نہ پر چپ ڪري ويھي ڏسڻ واري پاليسي ھئي ان ڪري ڊيوڊ بين گوريان ھگانا جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي ۽ فوج ۾ جبري ڀرتي کي لازمي بڻائي ڇڏيو. ان ھر يھودي مرد ۽ عورت جي فوجي تربيت کي لازمي ڪري ڇڏيو. گولڊا ميئر آمريڪا مان ھمدردن مان فنڊ گڏ ڪري موڪليو ۽ جوزف اسٽالن جي صيھوني مقصد جي حمايت جي فيصلي سان يھودين جا نمائندا اوڀر ۾ ھٿيارن جا اھم معاھدا ڪرڻ جي قابل ٿي ويا ۽ ھگانا جي ايجنٽن ٻي جنگ عظيم جو بچيل مرمت ٿيل جنگي سامان حاصل ڪري پنھنجي فوج جي سامان ۽ ان جي چرپر يا لاسجسٽڪ کي بھتر بڻايو. آپريشن بليڪ ذريعي ھٿيارن جي مارچ جي مھيني تائين منتقلي ڪئي وئي.

بين گوريان ايگئيل آدين تي اھا ذميداري رکي تہ جيئن ئي برطانيا علائقو خالي ڪري تہ ھي فلسطيني عربن تي حملو شروع ڪري ڇڏي. ان منصوبي جو نالو ڊاليٽ پلان (Plan Dalet) ھيو جيڪو مارچ ۾ جوڙيو ويو ۽ اپريل ۾ ان تي عملدرآمد ڪرڻو ھو.[28] ھڪ ٻيو منصوبو آپريشن نيچشن جو ھو جنھن تحت الحسيني طرفان ڪيل جيروسلم جو گھيرو ختم ڪرڻو ھو، [29] پندرهن سؤ فوجي ھگانا جي گيواٽي برگيڊ ۽ پالماخ جي ھئرل برگيڊ حملا شروع ڪري جيروسلم طرف ويندڙ رستو 5 اپريل کان 20 اپريل تائين صاف ڪري ڇڏيو. ٻئي مسلمان ۽ يھودي جيروسلم جي بين الاقواميت جي خلاف ھئا. يھودي منصوبي بنديءَ سان شھر تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. شھر عربن جي گھيري کان آزاد ٿي ھگانا جي قبضي ۾ اچي ويو .[30] ڪاروائي ڪامياب وئي ۽ آخري ٻن مھينن ۾ ڪافي کاڌ خوراڪ ٽرڪن وسيلي جيروسلم جي يھودين ۾ ورھائڻ لاء منتقل ڪئي وئي .[31] الحسيني مارجي ويو. ھگانا جي ان آپريشن ۾ ارگون ۽ ليھي گروپن گڏجي فلسطين عربن جو تمام وڏو قتل عام ڪيو جيڪو تاريخ م ديرياسين قتلام جي نالي سان مشھور آھي جنھن جي وڏي پيماني تي مذمت ٿي. ان جي نتيجي ۾ وڏي پيماني تي فلسطيني عرب ھن ڌرتيءَ تان لڏڻ تي مجبور ٿي پيا. ٻئي طرف عرب لبريشن آرمي جي ھلندڙ آپريشن ناڪام ٿي ويو.[32] ۽ گڏوگڏ دروز عرب انھن سان غداري ڪري يھودين سان ملي ويا.[33] ان ويڙھ دوران برطانيا پنھنجي فوج علائقي مان ڪڍي ويو، اھڙي حالتن عرب ملڪن کي مداخلت تي مجبور ڪيو پر انھن جي تياري ٿيل نہ ھئي ۽ آھي مناسب فوج نہ موڪلي سگھيا جيڪا بازي کي ڦيرائي سگھي ھا.

شاھ عبدالله اول 29 مئي 1948 ۾ جيروسلم جي چرچ ٻاھران .

عربن جي اڪثريت ٽرانس جارڊن جي شاھ عبدالله اول طرف ڏسي رھي ھئي پر ھو پڻ نہ پيو چاهي تہ فلسطين جي آزاد عرب رياست ٺھي ڇوتہ ھو ان علائقي جي اردن ۾ انضمام چاھي پيو. ھي ٻٽي راند کيڏي رھيو ھو ھڪ طرف يھودين جي اختيارين سان ڳالھيون ٻوليون ڪري رھيو ھو ۽ ٻئي طرف عرب ليگ ۾ بہ ويٺو هو. حملي جي لاء ھگانا ڪاميابي سان ڪاروايون ڪيون جن ۾ آپريشن يفتاھ پن شامل آھي.[34]۽ آپريشن بين امي[35] جنھن ذريعي گليلي ۾ پنھنجي قبضي کي مضبوط بڻايو، ۽ آپريشن ڪلشون جنھن جيروسلم جي ٻاھران گڏيل محاذ جوڙيو. شاھ عبدالله اول ۽ گولڊا ميئر جي وچ ۾ بي سود ڳالهين ٻولين جي نتيجي بعد 13 مئي تي ڪفار ايتزيئون قتل عام([Kfar Etzion massacre) ٿيو جنھن عرب ليڊرن کي محسوس ڪرايو تہ جيروسلم واري جنگ بي رحم ٿيندي.14 مئي 1948 تي بين گوريان اسرائيل جي رياست جي قيام جو اعلان ڪري ڇڏيو جنھن تي عرب ملڪن مداخلت ڪئي اھڙي طرح گھرو ويڙھ ھلندي ھن پھرين عرب اسرائيل جنگ جي شروعات ٿي وئي.

جنگ جي تياري

سيپٽمبر 1947 ۾ ھگانا وٽ 10489 رائفلون، 702 لائيٽ مشين گنون، 2666 سب مشين گنون، 186 ميڊيم مشين گنون، 672 ٻہ انچي مارٽر ۽ 92 ٽي انچي مارٽر 76 mm وارا موجود ھيا.[36] ع1946 ۾ بين گوريان طئي ڪيو تي يھودين کي نہ صرف فلسطيني عربن پر عرب ملڪن سان بہ بچاء لاءِ لڙائي ڪرڻي پوندي ان ڪري کين ڳورن ھٿيارن جي اشد ضرورت ھئي.جنھنڪري ھن يورپ مان ھٿيارن حاصل ڪرڻ لاءِ مھم ھلائي ۽ پھرين چند مهينن ۾ ئي ھي ھٿيارن جو گھڻو تعداد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو

جون 1948 ۾ اسرائيلي ايويا ايس-199

يھودين مخفي طرح تي ڳورا ھٿيار بہ گڏ ڪري ورتا. يھودين ايجنٽن ٽي بوئنگ بي-17 فلائنگ فورٽريس بمبار جھاز آمريڪا کان خريد ڪري ورتا، ان کان علاوه ڪجهه ڪيورٽس سي-46 ڪمانڊو ٽرانسپورٽ جھاز ۽ ھڪ ڊزن ھاف ٽريڪس پن خريد ڪيا. انجم جھازن کي نئين سر رنڱي زرعي سامان جو روپ ڏنو ويو. اولھ يورپ ۾ ھگانا جي ايجنٽن پنجاھ 65 mm فرينچ مائونٽين گنون، ٻارھن 120mm مارٽر، 10 ايڇ-35 ھلڪيون ٽئنڪون ۽ وڏي تعداد ۾ ھاف ٽريڪس گڏ ڪيا. مئي جي اڌ تائين يھودين چيڪو سلاواڪيا کان 25 ايويا ايس 199 ويڙھاڪ جھاز، 200 ھيوي مشين گنون، 5021 لائيٽ مشين گنون، 24500 رائفلون ۽ پنچ ڪروڙ ويھ لک گوليون خريد ڪيون.[37] ھوائي جھازن رستي ھٿيارن جي سمگلنگ غير يھودي آمريڪي ھوابازن جي مدد سان ڪئي وئي جن يھودين کي ھوابازي جي تربيت ڏني.[38][39] يھودين ھٿيارن جي پيدوار ۾ بہ اڳڀرائي ڪئي. آڪٽوبر 1947 کان جولاءِ 1948 تائين 30 لک 9mm گوليون، 150000 ملس گرنيڊ، 16000 سب مشين گنون (اسٽين گنون)، 210 ٽي انچي 76mm مارٽر ٺاھيا. [36] ان کانسواءِ ڪجهه ڊيوڊڪا مارٽر پڻ پيداوار ۾ شامل ھيا جيڪي مقامي طور تي ڊزائين ڪري ٺاھيا ويا هئا. نومبر 1947ع ۾ ھگانا ھڪ خفيہ نيم فوجي طاقت ھئي جيڪا 1920 جي جافا واري فسادن کان وٺي بي حد منظم طاقت ھئي [36] ان جي ھڪ موبائل فورس ھش جي نالي سان ھئي جنھن ۾ 2000 ڪل وقتي ويڙھاڪ ھيا جن ۾ مرد ۽ عورتون شامل ھيون ۽ ان جا 10000 ويڙھاڪ محفوظ فورس ۾ شامل ھئا جن ۾ ويڙھاڪ جي عمر 18 کان 25 سال ھئي. ھڪ ايئليٽ ،(elite) يونٽ يا چونڏيل گروپ، پلماخ ۾ وري 2100 ويڙھاڪ ۽ ھڪ ھزار محفوظ فورس جا جوان ھيا. يھودين جي جملي فوجي طاقت 35000 ھزار جوان ھئي جن ۾ 15000 کان 18000 تائين ويڙھاڪ ۽ ٿلھي ليکي 20000 تائين گيريزن فورس ھئي [36][40] انھن م ھزارن ۾ اھڙا ھيا جن ٻين جنگ عظيم ۾ برٽش آرمي ۾ ملازمت ڪري چڪا ھيا.[41] وليد خالدي مطابق يھودين وٽ ھڪ اضافي فورس يھودي آباديءَ واري پوليس پڻ ھئي جنھن ۾ 12000 ھٿياربند شامل هئا. .[42] Few of the units had been جيڪي ڊسمبر 1947ع تائين تربيت يافتہ ٿي چُڪا هئا .[36] 5 ڊسمبر 1947ع تي فوجي ۾ جبري ڀرتي شروع ڪئي وئي جنھن ۾ 17 کان 25 سالن تائين سڀ مرد عورتون فوج ۾ ڀرتي ڪيا ويا اھڙي طرح 21000 جوانن جو فوج ۾ اضافو ٿيو .[43] جلد ئي جبري ڀرتي ۾ 26 کان 40 سالن تائين مرد عورتون بہ شامل ڪيا ويا.[44] ارگون نالي تنظيم جي سرگرمين کي MI5 به دھشتگردي قرار ڏنو ۽ ان تنظيم تي برطانوي سرڪار چوڪسي رکي ھئي.[45] مارچ 1948ع تائين يھودين جي فوجي طاقت نفري ۾ عربن کان وڌيڪَ ھئي, کين ھگانا جي نگراني ۾ 35780 ڪل وقتي ويڙھاڪ فوجي ھيا.[46][47][48] عربن جي مؤثر ويڙھاڪن جو تعداد 12000 تائين ھيو.[49] ڪن مورخن مطابق عرب ويڙھاڪ فوجين جو جملي تعداد 23500 ھيو. اھي پنھنجي آبادي جو تمام ٿورڙو حصو ھيا انھن جي ڀيٽ ۾ يھودي ويڙھاڪن ۾ انھن جي سمورن آبادي شامل ٿي چڪي ھئي.[50] عرب ليگ گڏيل قومن جي اداري طرفان ڏنل فلسطين جي تقسيم جي مخالفت ڪري ڇڏي ھئي ۽ اھا اسرائيل جي قيام جي سخت مخالف ھئي. عرب ليگ جو مطالبو ھو تہ پھرين فلسطين کي آزاد ڪيو وڃي.1947 جي پڇاڙيءَ ۾ عرب ليگ ھڪ عراقي رٽائرڊ جنرل اسماعيل صفوت جي سربراهي ۾ ھڪ فوجي ڪاميٽي جوڙي جنھن جو مقصد يھودين خلاف فلسطيني عربن جي فتح جي امڪانن جو جائزو وٺڻ ھو.[51] ڪاميٽي ان نتيجي تي پھتي تہ فلسطيني عربن جي فتح جي ڪابہ اميد ڪانھي ۽ عرب ملڪن جي مداخلت تمام ضروري آھي.[51] پوليٽيڪل ڪاميٽيءَ تنھن ھوندي بہ ان رپورٽ جي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ فوجي مداخلت کان سواءِ فلسطين جي تقسيم خلاف فلسطيني ھٿياربند جدوجهد جي مدد جي سفارش ڪئي.[52] اپريل 1948ع جي مھيني ۾ فلسطيني عربن جي شڪست تي فلسطين مان انھن ملڪن ۾ پناه وٺڻ لاءِ ايندڙ فلسطيني عربن جي حالت تي سندن ملڪن ۾ مداخلت لاءِ عوامي دٻاءُ وڌي ويو جنھن ڪري اڳواڻن فلسطين ۾ فوج موڪلڻ جو فيصلو ڪيو.[53] ان فوجي مداخلت لاءِ عرب ليگ پنھنجا ھيٺ ڏنل جواز گڏيل قومن جي اداري ۾ سيڪريٽري جنرل آڏو پيش ڪيا:[54]

  • فلسطين م امن امان قائم ڪرڻ ۽ اتي رتوڇاڻ کي روڪڻ لاء عرب رياستون مداخلت لاءِ مجبور ٿي پيون.
  • فلسطين وارو مينڊيٽ ختم ٿي چڪو آهي ۽ ان پٺيان ڪابہ قانوني اختياري ڪانہ ڇڏي آھي.
  • فلسطين جي مسئلي جو واحد حل ھڪ واحد فلسطيني رياست جي قيام ۾ آھي.

برطانيا جي سفير اليڪ ڪرڪبرائڊ 1976ع ۾ پنھنجي يادگيرين ۾ سندس عرب ليگ جي جنرل سيڪريٽري عبدالرحمان حسن اعظم پاشا لاء لکيو آهي تہ فوجي مداخلت کان ھڪ ھفتو اڳ ھن ساڻس گفتگو ۾ يھودين جي فوجي طاقت جو ذڪر ڪيو، جنھن تي اعظم پاشا ھٿ کي لوڏائي جواب ڏنو ھو تہ:... "انھن جي تعداد سان ڪو فرق نہ ٿو پئي، اسان کين سمنڊ ۾ ٻوڙينداسين".[55] عرب ملڪن جي فلسطين ۾ فوجي مداخلت جو ھڪ مقصد فلسطيني عربن کي بلڪل تباھي کان ۽ پاڻ کي فلسطيني پناھگير جي دٻاءَ کان بچائڻو ھيو[56] ھن جنگ ۾ شاھ عبدالله اول جو ڪردار اھم ھيو ڇو تہ ھي پاڻ کي عرب فوج جو سپريم ڪمانڊر بڻجڻ لاءِ عرب ملڪن کي راضي ڪري اھو عھدو حاصل ڪري چڪو ھو ۽ ھن جي ٽرانس جارڊن جي فوج برطانيا جي فوجي تربيت سان منظم ٿيل ھئي .مصر جو شاھ فاروق عرب دنيا م شاھ عبدالله اول جي چيمپئن تي پنھنجي لاءِ ھڪ خطرو سمجهي رھيو ھو .[57] سندس اھا بہ خواھش ھئي تہ ڏکڻ فلسطين مصر جي قبضي ۾ اچي [57] جمال عبدالناصر ٻڌايو ھو تہ مصري فوج جي پڌرائي مطابق اھو صهيوني گروپن کي سيکيت ڏيڻ لاء ھڪ فوجي آپريشن ھو.[58] برطانيا جو پرڏيهي کاتو ۽ سي آء اي ان خيال جا ھيا تہ جيڪڏهن عرب ملڪن مداخلت ڪئي تہ جنگ کٽي ويندا.[59][60] مارٽن وان ڪريويلڊ جي مطابق فوج جي نفري ۾ عرب ملڪن ۽ اسرائيل برابر ھيا [61] مصري جنرلن جو خيال ھيو تہ فوجي چڙهائي ڄڻ تہ بغير رڪاوٽ سان تل ابيب تائين ٻن ھفتن جي ھڪ پريڊ ھوندي [62] مصر، عراق ۽ شام وٽ ھوائي فوجون ھيون. مصر ۽ شام وٽ ٽئنڪون بہ ھيون. سڀني وٽ جديد توپخانو بہ ھيو.[63]

جنگ

برگيڊ ڪمانڊر تعداد

[64]

آپريشن
گولاني موشي من 4,500 ڊيڪل،ھائرم
ڪارميلي موشي ڪارميلي 2,000 ھائرم
اليگزينڊروني ڊين ايون 5,200 لاترون ،ھئميٽز
ڪرياتي مخائيل بين گيل 1,400 ڊيني، ھئميٽز
گيواتي شمعون ايبدان 5,000 ھئميٽز،باراڪ، پليشيٽ
ايٽزيئوني ڊيوڊ شئلٽيل جيروسلم واري جنگ،شفيفون،ييبوسي، رامت ريشل واري جنگ
ستين آرمرڊ برگيڊ شلومو شمير لاترون واريون جنگون
اٺين آرمرڊ برگيڊ ايزحاق سادح ڊيني،آپريشن يئاو،ھوريب
اديد ابراھام يوفي آپريشن يئائو،ھائرم
ھاريل ازحاق رابن

[65]

1,400 نچشن، ڊيني
يفتاخ يگال ايلن 4,500 ڪجهه گولاني به شامل يفتاخ، ڍيني، يئاو، لاترون
نيگيو ناھن سارگ 2,400 يئاو

جنگ شروع ٿيڻ بعد فرانس چيڪوسلاواڪيا مان اسرائيل جي لاءِ ھٿيار موڪلڻ لاء فرانس جي زمين استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ۽ پنھنجا ٻہ ھٿيارن وارا بحري جھاز نڪاراگوا لاءِ روانا ڪيا جيڪي درحقيقت اسرائيل جي مدد لاءِ نڪتا ھيا.[66] چيڪوسلاواڪيا اسرائيل جي مدد لاءِ وڏي پيماني تي ھٿيار موڪليا جن ۾ ويڙھاڪ ھوائي جھاز پڻ شامل ھيا.

پھرين جنگ بندي تائين، جولائي 1948ع ۾ اسرائيل پنھنجي ھوائي فوج، بحري فوج ۽ ٽئنڪ بٽالين قائم ڪري چڪو ھو. جنگ ۾ حصو وٺندڙ عرب رياستن جو تعداد پنج ھيو جن ۾ مصر، ٽرانس جارڊن،عراق، شام ۽ لبنان شامل ھيا جن پنھنجي عام فوج جا مھم جو دستا فلسطين ۾ موڪليا. جنھن بعد اضافي نفري بعد ۾ سعودي عرب ۽ يمن موڪلي. جنگ وقت انھن ملڪن جي فوجين جو تعداد لڳ ڀڳ 23500 کان 26000 ھيو جن م مصري فوجي 10000، اردني 4500، عراقي 3000، شامي 6000، عرب لبريشن آرمي جا 2000، لبناني 1000 ۽ سون جي تعداد ۾ سعودي شامل ھيا.ان کان سواءِ ھڪ ھزار فلسطيني اڳي ئي ويڙھ ۾ شامل ھيا. جنگ کان پھريان ان جنگ ۾ شامل عرب فوج جي ٽريننگ برطانيا ۽ فرانس جي ماھرن ڪئي ھئي.ان وقت اردن جي فوج جو سربراھ ليفٽيننٽ جنرل سر جان گلب ھيو. شام چيڪوسلاواڪيا مان عرب لبريشن آرمي لاءِ ننڍا ھٿيار خريد ڪيا پر ھگانا جي سامونڊي مداخلت ڪري انھن جي بحري رسد نہ ٿي سگھي.[67] ٽرانس جارڊن جي فوج عرب ليجيئن عربن ۾ سڀ کان وڌيڪَ تربيت يافتہ ھئي، جنھن جو ڪمان اڃان برطانيوي آفيسرن وٽ ھئي. ان ۾ فوجين جو تعداد 12000 تائين ھيو جيڪي چئن انفرنٽري ريجمينٽن ۾ ورھايل ھئي جنھن وٽ 40 توپون ۽ 75 ھٿيارن واريون گاڏيون هيون [68] جنوري 1948 تائين ان ۾ 3000 مضبوط ٽرانس جارڊن سرحدي فورس جو اڃان اضافو ٿيو.[69] ان وقت ان فوج ۾ خدمتون ڏيندڙ برطانيا جي آفيسرن جو تعداد 48 ھيو.[70] ليجن جي ڪمانڊر جنرل گلب پاشا اردني فوج کي ھيٺين چئن برگيڊن ۾ ورهايو ھيو:

فوجي ڊويژن ڪمانڊر [71][72] درجو ڪاروائين جو فوجي علائقو
فرسٽ برگيڊ ۾ فرسٽ ۽ ٿرڊ ريجمينٽ شامل ھيون ڊيسمنڊ گولڊي ڪرنل نئبلوس فوجي زون
ففٿ برگيڊ جنھن ۾ ففٿ ۽سڪسٿ ريجمينٽ شامل آهن سام سڊني آرٿر ڪوڪ برگيڊہئر مددگار فورس
ٿرڊ برگيڊ جنھن ۾ سيڪنڊ ۽ فورٿ رجميينٽ شامل ٽيل آشٽن ڪرنل رملا فوجي زون
فورٿ برگيڊ احمد صودقي الجندي ڪرنل رملا ، ھيبرون ۽ راملاہ جي مدد لاء

عرب ليجيئن جنگ ۾ مئي 1948ع ۾ شامل ٿي پر رڳو انھن علائقن ۾ وڙھي جيڪي شاھ عبدالله اول ٽرانس جارڊن جي لاءِ محفوظ ڪرڻ چاھيا پئي. جن ۾ اوڀر ڪنارو ۽ اوڀر جيروسلم شامل ھيا. اپريل ۾ بيلجيم جي سوئس ڪمپني برطانيا جي ايٿوپيا واري پرڏيھي معاملن واري آفيس جي ذريعي اردن ۽ مصر سان وڏي پيماني تي ھٿيارن جو سودو ڪيو پر ان جي رسد ۾ فرانس رڪاوٽ وڌي ۽ برطانيا جي ٽرانس جارڊن طرف ويندڙ ھوائي جھازن جي اسڪواڊرن کي لھڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ بيلجيئم تي سفارتي ڌٻاءُ وڌو تہ عرب ملڪن سان ھٿيارن جا سودا منسوخ ڪري.[66] 1948 ۾ عراق جي فوج ۾ ڪل ٻارھن برگيڊ ھيون جن ۾ جملي 21000 کن فوجي ھيا، ۽ عراقي ھوائي فوج وٽ 100 جھاز ھيا جن مان اڪثر برطانوي ھيا.شروع ۾ عراق صرف 3000 فوجي فلسطين موڪليا.[73] ان کان علاوه چار انفرنٽري برگيڊون، ھڪ آرمرڊ بٽالين پڻ موڪليا ۽ انھن سڀني کي اردني رھنمائي ۾ ڪم ڪرڻو ھو. [74] عراق جو پھريون فوجي قافلو اپريل 1948ع ۾ جنرل نورالدين محمد جي ڪمان ۾ اردن پھتو [75]

1948ع ۾ مصر جي فوج جو تعداد 40000 ھيو. ان جا 80 سيڪڙو فوجي وڏي عمر ۾ اچي چڪا ھيا ۽ فوجي ملازمت جي قابل نہ رھيا ھيا ۽ انھن جو سامان جي چرپر جو نظام اھڙو نہ ھيو جو سرحدن کان ٻاهر پري تائين مڪمل رسد پھچائي سگھي. جنگ جي شروعات وقت مصر ڏھ ھزار مھم جوءُ فوجين کي فلسطين ۾ ميجر جنرل احمد علي المواوي جي ڪمان ۾ موڪليو جيڪا پنج انفرنٽري بٽالين تي مشتمل ھئي جن مان ھڪ آرمرڊ بٽالين ۾ برطانوي ننڍيون ٽئنڪون ايم ڪي 6 ۽ مالٽڊا 2 ٽئنڪون شامل ھيون، ھڪ بٽالين ڪيو ايف 25 توپنسان مسلح ھئي، ھڪ بٽالين سڪس پائونڊر توپن سان مسلح ھئي. ھڪ بٽالين وچولي مشين گنن سان مسلح ھئي. مصر جي ھوائي فوج مان 30 سپر مئرين اسپٽ فائر، 4 ھاڪر ھريڪين 20 ڪروڊ بمبار جھازن ۾ تبديل ڪيل سي 47 اسڪائٽرين جنگ ۾ شامل ھيا. شام جي فوج ٽن انفرنٽري برگيڊ ۽ ھڪ آرمرڊ برگيڊ ۾ ورھايل 12000 فوجين حصو ورتو.ان کان سواءِ شامي ھوائي فوج جي پنجاھ جھازن حصو ورتو جن مان ڏھ جديد ۽ ٻي جنگ عظيم واري جنريشن جا ھيا.فرانس شام سان ھٿيارن جي وڪري جا معاھدا صحيحين ٿيڻ باوجود معطل ڪري ڇڏيا.[66] لبنانجي فوج سڀ کان ننڍي ھئي جنھن جي 3500 فوجين جنگ ۾ حصو ورتو.[69] گيلبر مطابق جون 1947 ۾ بين گوريان جو لبنان جي مئرونائٽ واري مذھبي قيادت سان معاھدو ٿيو جنھن تحت ڪجهه ھزار پائونڊن جي عيوض لبنان پنھنجي فوج کي فلسطيني جنگ کان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو.[76] پر روگن ۽ شلائم مطابق لبنان جي ھڪ ھزار فوجين فلسطين ۾ ڪاروائي لاءِ گھري آيا ھيا ۽ اتر گليلي ٽپي آيا پر يھودي ويڙھاڪن کين روڪيو ۽ پسپا ڪندي ڏکڻ لبنان تائين پوئتي ڌڪيو ايستائين جو جنگ ختم ٿي. [77] پھرين ۽ ٻين جنگبندي دوران مصر ۽ عراق فوجي نفري ۽ فوجي سامان ۾ اصافو ڪيو .سعودي عرب جا ڪجهه سئو فوجي جيڪي جنگ ۾ حصو وٺڻ آيا اھي مصري ڪمان ۾ وڙھيا.انھن جو تعداد جنگ دوران 1200 تائين وڌي سگھيو.پھرين جنگبندي دوران سوڊان پنھنجي باقاعده فوج جون ڇھ ڪميٽيون مصر جي ڪمان ۾ وڙھن لاءِ موڪليون [78] يمن ۽ مراڪش بہ ننڍڙا فوجي دستا موڪليا.[4]

15 مئي 1948 تي برطانوي مينڊيٽ جي خاتمي جي تاريخ ھئي جيڪا 14 تاريخ تي رات جو ٻارهين بجي شروع ٿيڻي ھئي تنھنڪري 14 تاريخ تي برطانيا فلسطين مان نڪري ويو. 14 مئي 1948 تي برطانوي انتظاميہ جي نڪرڻ کان چند ڪلاڪ بعد بين گوريان اسرائيلي رياست جي قيام جو اعلان ڪيو.[79] اسرائيل جي قيام کان ڪجهه ڪلاڪن بعد عرب ملڪن حملو شروع ڪيو.[80][81] جلد ئي يھودي آباديون حملي جي زد ۾ اچي ويون. ھگانا جون فوجون اڳواٽ ئي نئين قائم ٿيل رياست جي اولهندي سرحد تي پھچي چڪيون ھيون.[82] عربن جي ان حملي جي آمريڪا، سويت يونين ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تريگ لي مذمت ڪئي ھئي پوء بہ ريپبلڪ آف چين ۽ ٻين گڏيل قومن جي رڪن ملڪن ان جي حمايت ڪئي.[83]

شروع ۾ اھا تجويز رٿيل ھئي تہ جنگ جي شروعات ۾ شام ۽ لبنان اتر کان، عراق ۽ ٽرانس جارڊن اوڀر کان حملو ڪندي چارئي نزرٿ ۾ گڏجي پوءِ ھائفا طرف وڌندا ۽ مصري ڏکڻ کان اڳتي وڌي تل ابيب ۾ داخل ٿيندا.[84] 11 کان 13 مئي تائين دمشق ۾ ٿيل عرب ليگ جي اجلاس دوران شاھ عبدالله اول ان تجويز کي رد ڪري نئين تجويز رکي جنھن مطابق عراق کي جيزريل وادي تي حملو ڪرڻو ھو ۽ عرب ليجيئن رملا ۽ نابلوس تي حملو ڪري ٽنھي کي ھيبرون ۾ ملڻو هو. 12 مئي 1948 تي ان منصوبي جي خفيہ ڄاڻ فراس جي جيروسلم م موجود ڪائونسليٽ جنرل يھودين کي فراهم ڪري ڇڏي.يھودي فوج جو پھريون مشن اھو ھيو تہ عرب حملي آورن کي اڳتي وڌڻ کان روڪي.[85] جيئن ئي برطانيا يھودين جي ھجرت تي ۽ ھٿيارن جي رسد تي پابندي کي ھٽايو تيئن اسرائيلي فوجي طاقت ۾ تيزي سان اضافو شروع ٿي ويو ۽ ھگانا پيرا ملٽري فورس مان باقاعده فوج جي شڪل اختيار ڪئي. ليھي ۽ ارگون تنھن کان سواءِ ھيون. 26 مئي 1948 تي اسرائيل IDF اسرائيل ڊفينس فورس قائم ڪئي جنھن ذريعي ھگانا، ليوي ۽ ارگون کي ھڪ مرڪزي ڪمان ۾ رکيو ويو.

اسرائيل فوجي نريم ۾
نيگبا م اسرائيلي فوجي

مصر ڏکڻ پاسي کان 15 مئي 1948 تي ٻن آبادين تي حملو شروع ڪيو ۽ اھو مقابلا نرم جي جنگ۽ ڪفار ڊاروم جي جنگ جي نالي سان مشھور ٿيا.ان جنگ ۾ مصر توپن، ٽئنڪن وغيره ۽ ھوائي جھازن جو استعمال ڪيو [86][86] پر يھودين جي سخت مزاحمت تي ٻنھي مقابلن ۾ مصري فوج ناڪام ٿي. 19 مئي تي يادمورديچائي واري جنگ لڳي ۽ ان محاذ تي يھودي فوج مصري فوج کي پنجن ڏينھن تائين اڳتي وڌڻ نہ ڏنو. نيٺ مصري فوج جو ھڪ ڪالم اتر طرف ساحلي پٽي ڏي غزہ طرف وڌيو ۽ ٻيو ڪالم اوڀر ڏي بيرشيبہ طرف وڌيو.[87][88] ۽ نيگيو جي پاس ي گھيرو ڪيو جنھن بعد جون جي مھيني ۾ نيگبا واري جنگ لڳي [87][89] اسرائيلي فوج مصري فوج کي تل ابيب طرف پيشقدمي کي روڪڻ لاءِ گيواتي برگيڊ کي مقابلي ۾ لڳايو. اتر کان پيش قدميءَ دوران مصري فوج 28 مئي تي اسدود پل کي تباھ ڪري ڇڏيو جيڪو تل ابيب طرف وڃڻ لاء رستي ۾ ھئي جنھن جو مطلب ھيو تہ تل ابيب طرف پيشقدمي نہ ڪرڻي ھئي جنھن سان ان محاذ تي اسرائيلين کي وڙھڻ جي ضرورت نہ پئي . جيڪڏهن اھا پيش قدمي نہ رڪجي ھا تہ تل ابيب يھودين جي ھٿن مان نڪري وڃي ھا ڇوتہ اسرائيل وٽ ان پاسي ايتري فوج نہ ھئي جو تيل ابيب جو دفاع ڪري سگھي ھا. [90][91] 29 مئي کان 3جون تائين اسرائيلي فوج آپريشن پليشيٽ ذريعي مصري فوج کي روڪيو.[92] 6 جون تي نتزانم واري جنگ لڳي. سڀ کان وڏو مقابلو جيروسلم واري جنگ ۾ اسرائيلي فوج ۽ عرب ليجيئن وچ ۾ ٿيو.[93] اسرائيلي لاترون وارو قلعو خالي ڪري ڇڏيو جيڪو عرب ليجيئن جي قبضي ۾ آيو.[94] لاترون واري عيسائين جي خانقاھ بہ اردني فوج جي قبضي ۾ آئي اھڙي طرح اردني فوج اسرائيلي ويڙھاڪن جيروسلم جي يھودين جي وچ ۾ رابطو ٽوڙي ڇڏيو.[95] لاترون قلعي جي واپسي لاءِ اسرائلين حملا شروع ڪري ڏنا جن ۾ انھن جو وڏو جاني نقصان ٿيو جنھن م 585 فوجي مارجي ويا ء انھن حملن ۾ اسرائيلي جنرل مڪي مارڪوس پڻ مارجي ويو

برما روڊ ٺاھيندي
جون 1948 ۾ بلڊوزر برما روڊ تي ٽرڪ کي گھليندي
علائقي جو نقشو

جيروسلم جي گھيري دوران يھودين ٻئي پاسي کان ھڪ نئون رستو برما روڊ ٺاھي پنھنجو شھر جي يھودين سان رابطو بحال ڪيو. عرب ليجيئن اسرائيلي حملن کي ناڪام بڻايو ۽ جوابي حملن ۾ بيت سوسن ۽ گيزر تي قبضو ڪيو پر سخت لڙائي کان پوءِ پالماخ جي دستن قبضو ڇڏائي ورتو.[96]

اردني توپخاني جي 1048 ۾ جيروسلم تي بمباري
عرب ليجيئن جا فوجي پراڻي جيروسلم ۾ واقع قديم ھوروا واري سنگاگ جي ملبي مٿان بيٺل [97]
جيروسلم جا يھودي اردني حملي وقت ڀڄندي ڏيکاريل
علم رياضي جو پروفيسر مخائيل فيڪيتي، ھيبريو يونيورسٽي جو پرووسٽ، جيروسلم جي گھيري وقت پنھنجي پاڻي جي حصي سميت

لاترون جي قبضي سان اردني فوج يا عرب ليجيئن اسرائيلي فوج جي کاڌي ۽ پاڻي جي رسد کي روڪي ڇڏيو. 17 مئي تي شاھ عبدالله اول اردني ڪمانڊر جان بگٽ گلب(گلب پاشا) کي جيروسلم ۾ داخل ٿيڻ جو حڪم ڏنو. عرب ليجيئن شھر تي توپن ۽ مارٽر سان وڏي گولاباري ڪئي ۽ اسرائيلين کي عربن واري علائقي ۽ پراڻي شھر کان ڌڪي ٻاھر ڪڍيو.[95] عرب ليجيئن حراست م آيل سوين يھودين جي قتل عام ڪرڻ لاءِ تيار عربن کان پڻ بچايو.[98] بيت المقدس شھر جي ڏکڻ واري پاسي رامت رشيل ۾ جنگ جاري رھي. عرب ليجيئن ان تي پڻ قبضو ڪيو پر پوء 26 مئي تائين اسرائيلي ويڙھاڪ قبضو وٺي ويا.23 مئي تي آمريڪا جو ڪائونسليٽ جنرل ۽ اقوام متحده جي صلح واري ڪميٽيءَ جو رڪن ٿامس سي. واسن ويسٽ جيروسلم ۾ فائرنگ ۾ مارجي ويو. آڪٽوبر 1948 ۾ اسرائيل ھئرل برگيڊ کي اڳتي آڻي جيروسلم جي ڪاريڊور جو قبضو وٺڻ لاءِ آپريشن جا ھا ھار شروع ڪيو.

عراقي فوج جون ٽي برگيڊ جن ۾ ٻه پيادا ۽ ھڪ آرمرڊ اتر اردن مان درياءِ اردن پار ڪري پھتيون ۽ گيشر تي حملو ڪيو پر ڪاميابي نہ ملي سگھي. پوءِ نابلوس، جينن ۽ تلڪارم طرف پيشقدمي ڪئي. 29 مئي تي اسرائيلين عراقي فوج تي جينن وٽ حملو ڪيو جتي ٽي ڏينھن ڇتي جنگ ھلي ۽ عراقين پنھنجي پوزيشن جو دفاع ڪيو. پھرين جون تي ڪارميلي برگيڊ ۽ گولاني برگيڊ جينن جو قبضو عراقي فوج کان کسي ورتو پر وري کين عراقي فوج پوئتي ڌڪيو ۽ مقابلي م 34 اسرائيلي فوجي مارجي ويا ۽ 100 زخمي ٿيا

شامي فوج بہ گليلي تائين وڌي آئي پر ڪا خاطرخواه ڪاميابي حاصل نہ ڪري سگھي .6 جون 1948ع عرب لبريشن آرمي جون ٻہ برگيڊ ۽ لبناني فوج المالڪيہ ۽ القدس تي قبضو ڪيو جنھن بعد لبنان جنگ کان ٻاھر ٿي ويو. 10 جون تي شامي فوج مشمار ھاياردين ٽپي آئي جتي اسرائيل جي اوڊيڊ برگيڊ کين روڪيو.[99] پوء شامي فوج پسپائي واري پوزيشن ۾ رھي.

عرب لبريشن آرمي جو ڪمانڊر ڪئوڪجي

اسرائيلي ھوابازي وارو ڪم ھڪ ھوائي سروس SA ڪري رھي ھئي جنھن جو نالو شيروت اوائر ھيو ان ايئر سروس نومبر 1947ع ۾ ڪم شروع ڪيو ھو.[100] مارچ 1948ع ۾ گليلي اسڪواڊرن ۽ اپريل 1948ع ۾ نيگيو اسڪواڊرن ۾ ٺاھيو ويو. 15 مئي تي ايس اي کي اسرائيلي ايئر فورس جو درجو ڏنو ويو. [101] 15 مئي تي رايل ايجپشن ايئر فورس(REAF) جي چئن اسپٽ فائر ھوائي جھازن تل ابيب تي بمباري ڪئي ۽ اسڊي ڊوو ايئرفيلڊ جتي ڪافي اسرائيلي جھاز بيٺل ھيا جن تي بمباري ڪري اسرائيلي جھازن کي تباھ ڪيو ۽ ڪن کي نقصان پھچايو ۽ پنج اسرائيلي پڻ مارجي ويا.انھن حملن ۾ ھڪ اسپٽ فائر جھاز ڪيرايو ويو. شروع ۾ REAF بي ڌڙڪ حملا ڪري رھي ھئي ڇوتہ ان جي بمبار جھازن کي ڀڄائڻ لاءِ اسرائيل وٽ صلاحيت نہ ھئي رڳو زمين تان انھن کي نشانو بڻايو ويندو ھيو. جيئن جيئن تل ابيب کي وڌيڪ مؤثر ايئر ڊفينس جي صلاحيت جي منتقلي ٿيندي وئي تيئن تيئن مصري ايئر فورس جي جھازن جو نقصان وڌندو ويو ۽ اھا غير مؤثر ٿيندي وئي. ان جا پنج جھاز برطانيا جي ايئرفورس تباھ ڪيا جڏھن انھن غلطي سان رامت ڊيوڊ ايئر بيس تي حملو ڪيو. انھن نقصانن کان پوءِ اسرائيلي علائقن تي ھوائي حملن جي شدت گھٽجندي وئي ۽ مئي جي پڇاڙيءَ ۾ اسپٽ فائر اسڪواڊرن ۽ انھن جا بھترين پائليٽ لڳ ڀڳ ختم ٿي ويا.

چيڪوسلاواڪيا مان 25 ايويا ايس-199 بمبار جھاز پھچڻ بعد ھوائي فورس جي طاقت جو توازن جلد ئي اسرائيل جي ايئر فورس جي حق ۾ ٿي ويو ۽ جنگ ھلندي اسرائيل چيڪوسلاواڪيا کان 65 اسپٽ فائر جھاز بہ خريد ڪيا جيڪي جنگ ھلندي پھچي ويا. اسرائيلي ايئر فورس جا ڪيترائي پائلٽ مدد ۾ ٻاھران آيل ھئا يا جنگ عظيم ۾ تجربو رکندڙ وڏي عمر وارا ھئا. 3 جون تي پھريون دفعو اسرائيلي ايئر فورس مصر جا ٻہ جھاز تباھ ڪيا جيڪي تل ابيب تي بمباري ڪرڻ آيا هئا. پھرين جون کان اسرائيل عرب ملڪن جي شھرن تي بمباري شروع ڪري ڇڏي، ۽ شروعات امان ڪئي، جنھن تي رات جو 50 کان 110 پائونڊن جا ڪيترائي بم ڪيرايا جنھن ۾ بادشاھ جي محل کي بہ نقصان پھتو ۽ 12 شھري مري ويا، 30 زخمي ٿيا. برطانيوي ايئر بيس تي پڻ بمباري ٿي، جنھن تي برطانيا اسرائيل کي چتاءُ ڏنو تہ جيڪڏهن ٻيھر انجي ايئربيس تي حملو ٿيو تہ اسرائيلي جھاز ڪيرايا ويندا ۽ ان جي ايئر فيلڊن تي بمباري ڪئي ويندي. جنھن بعد اسرائيل امان تي ٻيھر ڪڏهن حملو نہ ڪيو. اسرائيل آريش، غزہ شهر، دمشق، ۽ قاھرہ تي بہ ھوائي حملا ڪيا.

جُولاءِ 1948 تائين اسرائيل پنھنجي فوج جو تعداد 63000 تائين وڌائي ويو ھو، ۽ 1949 جي بھار جي شروعات تائين ان جو تعداد وڌي 115000 ٿي ويو. جُولاءِ 1948 ۾ عرب فوجين جو ڪل تعداد 40000 ھيو جيڪو آڪٽوبر 1948 ۾ وڌي 55000 تائين وڌيو ۽ 1949 ۾ ٿورڙو اضافو ٿيو. صلح دوران اسرائيلي ڊفينس فورسز جو تجويز ڪيل تقسيم تحت عربن واري علائقي جي 9 وڏن عرب شھرن ۽ 50 ڳوٺن تي قبضو ٿي چڪو ھيو جن ۾ جيروسلم، جافا، ھائفا، ايڪر، سافيد، تبريئاس، بيسن، سماخ ۽ يبنا شامل ھيا. جنين تي اڃان قبضو ڪانہ ٿيو ھو پر اتان جا رهاڪو شھر ڇڏي ويا. عرب فوج 14 يھودين جي آبادي وارا علائقا قبضي ۾ آندا پر انھن مان گڏيل قومن جي تجويزيل تقسيم تحت اسرائيل جي حصي واري علائقي مان صرف ھڪ علائقو مشمار ھاياردين شامل ھيو. پھرين جنگ بندي 11 جون 1948 کان 8 جولاءِ 1948 تائين قائم رهي جيڪا گڏيل قومن جي مداخلت سان عمل ۾ آئي.انھن 28 ڏينھن ۾ ھٿيارن جي رسد تي بہ پابندي لڳائي وئي.ان وچ ۾ ٻنھي ڌرين پنھنجي قبضن کي مضبوط ڪيو ۽ جنگبندي جون خلاف ورزيون پڻ ڪيون.

1948 ۾ اسرائيلي فوج جو تعداد[102]
شروع ۾ صورتحال 29,677
4 جون 40,825
17 جولاءِ 63,586
7 آڪٽوبر 88,033
28 آڪٽوبر 92,275
2 ڊسمبر 106,900
23 ڊسمبر 107,652
30 ڊسمبر 108,300

جنگبندي دوران ارگون الٽالينا نالي بحري جھاز تي خانگي طور تي ھٿيار منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر انھن اھي ھٿيار اسرائيلي حڪومت جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنھن تي بن گوريان طاقت استعمال ڪندي هٿيار ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر مزاحمت ٿيڻ جي ڪري انھن سان ڳالھيون ٿيون جنھن بعد بن گوريان جي حڪم تي ان جھاز تي حملو ڪري ٻوڙيو ويو.ان واقعي ۾ ڪيترائي اسرائيلي فوجي ۽ ارگون جا ڪارڪن ھڪٻئي سان وڙھندي مارجي ويا.

جنگبندي ختم ٿيڻ بعد مصري فوج جنرل نصيب جي ڪمان ۾ 12 جُولاءِ تي نيغبا تي حملو ڪري نيغبا واري جنگ شروع ڪئي. [103] ٻئي ڏينھن تي اسرائيلين ٽن محاذن تي حملو ڪري ڇڏيو. ڏهن ڏينھن تائين جنگ ھلي پوء وري گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ھڪ دفعو ٻيھر 18 جُولاءِ کان جنگبندي جو مطالبو ڪيو. جنگ جو ٽيون مرحلو 15 آڪٽوبر 1948 کان 10 مارچ 1949 تائين ھليو. جنگ جي ٽئين مرحلي ۾ اسرائيل عرب فوج جي نيڪالي لاءِ لاڳيتا حملا شروع ڪري ڏنا. 24 آڪٽوبر تي اسرائيل آپريشن ھائرم شروع ڪري گليلي جا سمورا مٿيان علائقا قبضي ۾ ڪيا ۽ لبناني فوج کي واپس لبنان ۾ ڌڪي ڇڏيو. شام جي فوج تي حملا ڪري ان جي ھڪ پوري بٽالين تباھ ڪري ڇڏي. ھڪ اندازي مطابق پنجاھ ھزار فلسطيني عربن وڃي لبنان ۾ پناھ ورتو.[104] مھيني جي پڇاڙي ۾ اسرائيلي فوج گليلي جي سموري علائقي تي قبضو ڪري چڪي ھئي ۽ لبنان اندر پنج ميلن تائين علائقو ليتاني ندي تائين سندن قبضي ۾ اچي ويو.[105]۽ لبنان جا 13 ڳوٺ اسرائيل جي قبضي ۾ آيا. 10 جولاءِ تي گلب پاشا عرب ليجيئن جي دفاع لاءِ فوني وار (phony war) جي بندوبست جو حڪم ڏنو. [106] اسرائيل تل ابيب۽ جيروسلم جي وچ وارن علائقن راملي ۽ ليڊا کي ھٿ ڪرڻ لاءِ آپريشن ڊيني شروع ڪيو .

عرب فوجين راملا فاتح اسرائيل فوج آڏو پيش ڪندي

رملي کي ھٿ ڪرڻ لاءِ 8000 اسرائيلي فوجي شهر ٻاھران گڏ ٿيا. اھو پھريون آپريشن ھو جنھن ۾ کوڙ برگيڊ ھڪ ئي وقت استعمال ٿيون.شھر تي انھن اتر ۽ اوڀر کان حملو ڪيو ۽ شھر مٿان بمباري بہ ڪئي وئي نيٺ 11 جولاءِ تي شھر تي قبضو ڪيو، [107] شھر جي عرب آبادي يا تہ ھجرت ڪري وئي يا وري کين زبردستي نيڪال ڪيو ويو. جيروسلم کي ھٿ ڪرڻ لاءِ اسرائيلي فوج آپريشن ڪيديم شروع ڪيو.

جنگ کانپوءِ

24 فبروري 1949ع ۾ اسرائيل مصر سان الڳ جنگ بندي جو معاھدو ڪيو. 23 مارچ تي لبنان سان، 3 اپريل تي اردن سان، 20 جُولاءِ تي شام سان الڳ الڳ معاھدا ڪيا. جنگبندي واري تقسيم ۾ اسرائيل جي قبضي ۾ برطانوي مينڊيٽ واري فلسطين جو 78 سيڪڙو حصو آيو[108][109] جنھن ۾ 8000 چورس ميل جو علائقو اچي پيو، جنھن ۾ گليلي جو سڄو علائقو، جيزريل وادي ، نيگيو جو سڄو علائقو ، اولھ جيروسلم ، اسرائيلي سامونڊي ڪنارو ۽ وچولو علائقو شامل ھيا. اسرائيل جي فوجي طاقت جي برتري ڪري اھا صلاحيت ھئي تہ ويسٽ بينڪ کي بہ ھٿ ڪري ۽ جنگبندي جي معاھدي تي صحيح کان اول جنرل ييگال ايلن جي اھڙي تجويز ھئي پر بين گوريان راضي نہ ٿيو [110][111] ھن جنگ ۾ اسرائيل جا 6373 ماڻھو مارجي ويا جن ۾ 4000 کن فوجي ھيا باقي ان جا شھري ھئا.[112] انھن 2000 اھي ماڻهو به ھيا جيڪي ھولوڪاسٽ ۾ بچي ويا. [113] ھڪ اندازي مطابق عربن جي قتل ٿيلن جو تعداد 7000 ھيو جنھن ۾ 3000 فلسطيني، 2000 مصري، 1000 اردني ۽ 1000 شامي شامل ھيا.[114] فلسطيني مؤرخ عارف العارف مطابق عربن جو جاني نقصان 3700 ھيو جن ۾ 1161 مصري ,0562 اردني شامل ھيا. ھڪ ٻئي اندازي مطابق فوت ٿيل فلسطيني عربن جو تعداد 13000 ھيو جن مان 1953 وڙھندي مئا. [115] گھرو ويڙھ ۽ ان بعد ھن جنگ دوران ڪل ٻارھن لک فلسطيني آبادي مان 750000 فلسطيني بي گھر ۽ بي وطن ٿيا. 1951 ۾ گڏيل قومن جي مصالحتي ڪميشن جي ڏنل انگ اکرن مطابق انھن بي گھر ۽ بي وطن فلسطيني آبادي جو تعداد 711000 ھيو.[116] هن تعداد ۾ اھي بي گھر شامل ناھن جيڪي اڃان اسرائيل جي قبضي ۾ آيل فلسطين ۾ رھيل ھيا. ھن فلسطيني تڪرار ۾ 400 عربن جي ڳوٺن ۽ ڏھ يھودين جي ڳوٺن جي ماڻهن ھجرت ڪئي. ھن تڪرار کان اڳ ٿيل آدمشماري مطابق 1947 ۾ فلسطين ۾ مسلمانن جو تعداد 1143336 ھيو.[117][118] جنگ بعد اسرائيل جي قبضي۾ علائقن ۾ عربن جو تعداد 156000 ھيو جيڪي اسرائيلي شھري ٿي ويا.[119] بي گھر فلسطيني پناھگير عرب ملڪن جي ڪئمپن ۾ منتقل ٿي ويا. گڏيل قومن جو ھڪ ادارو UNRWA پناھگيرن جي انساني مدد لاءِ جوڙيو جيڪو فلسطيني مھاجرن جي مدد ڪري رھيو ھو. عرب ملڪن فلسطيني عربن کي پنھنجي شھرين جي حيثيت ڏيڻ کان انڪار ڪيو رڳو کين ڪيمپن ۾ رھڻ جي اجازت ڏني ان شرط تي تہ اھي واپس ويندا.[120] پناھگيري حيثيت انھن جي اولاد ۾ بہ قائم رھي. انھن عرب ملڪن ۾ پيدا ٿيندڙ اولاد کي بہ شھريت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو سواءِ اردن جي جتي فلسطيني پناھگيرن جي اولاد کي اتان جي شھريت ڏني وئي. [121] عرب ليگ فيصلو ڪيو ته کين شھريت ناھي ڏيڻي تہ جيئن سندن شناخت قائم رھي ۽ انھن جو وطن واپس وڃڻ جو حق محفوظ رھي سگھي.اڄ بہ 14 لک کان وڌيڪَ فلسطيني 58 تسليم ٿيل پناھگيري ڪيمپن ۾ رھن ٿا. ,[120][122]۽ پنجاھ لک کان وڌيڪَ فلسطيني اسرائيل کان ٻاهر رھن ٿا. ھن تڪرار جي ڪري اٽڪل ڏھ ھزار يھودين کي عرب علائقن مان ھجرت ڪرڻي پئي. [123] مئي 1948 کان 1951 جي پڇاڙيءَ تائين ست لک يھودي اسرائيل ۾ پراڻن عرب علائقن ۾ اسرائيل جي سرحدن ويجھو اچي آباد ٿيا. [13][124] ٽي لک کان وڌيڪَ يھودي وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا جي مختلف ملڪن کان لڏي اسرائيل ۾ آيا.[125][126] انھن ۾ 100000 عراقي ھيا. 136000 کان 250000 يورپ مان لڏي آيا جيڪي ٻي جنگ عظيم ۾ بي گھر ٿيا ھيا، ۽ جرمني، آسٽريا ۽ اٽليءَ جي ڪيمپن ۾ رھيل ھئا.[127] 270000 کان وڌيڪ اوڀر يورپ کان لڏي آيا، [128] جن گھڻيا رومانيا جا رهندڙ ھئا.

ڪجهه حوالا ۽ لاڳاپيل تاريخي ڪتاب

حوالا

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 Oren 2003, p. 5.
  2. Morris (2008), p. 260.
  3. Gelber, pp. 55, 200, 239
  4. 4.0 4.1 Morris, Benny (2008), 1948: The First Arab-Israeli War, Yale University Press, p.205, New Haven, ISBN 978-0-300-12696-9.
  5. Morris, 2008, p. 332.
  6. Anita Shapira, L'imaginaire d'Israël : histoire d'une culture politique (2005), Latroun : la mémoire de la bataille, Chap. III. 1 l'événement pp. 91–96
  7. Benny Morris (2008), p. 419.
  8. 8.0 8.1 Gelber (2006), p. 12.
  9. Pollack, 2004; Sadeh, 1997
  10. Morris 2008, pp. 404–06.
  11. Cragg 1997 pp. 57, 116.
  12. Benvenisti, Meron (1996), City of Stone: The Hidden History of Jerusalem, University of California Press, ISBN 0-520-20521-9. p. 27
  13. 13.0 13.1 Morris, 2001, pp. 259–60.
  14. Morris, 2008, pp. 66–69
  15. UNITED NATIONS: General Assembly: A/RES/181(II): 29 November 1947: Resolution 181 (II). Future government of Palestine. آرڪائيو ڪيا ويا 24 May 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  16. Greg Cashman, Leonard C. Robinson, An Introduction to the Causes of War: Patterns of Interstate Conflict from World War 1 to Iraq, Rowman & Littlefield 2007 p. 165.
  17. Benjamin Grob-Fitzgibbon,Imperial Endgame: Britain's Dirty Wars and the End of Empire, Palgrave/Macmillan 2011 p. 57
  18. Ilan Pappé (2000), p. 111
  19. Morris 2008, p. 76
  20. Efraïm Karsh (2002), p. 30
  21. Benny Morris (2003), p. 101
  22. Yoav Gelber (2006), pp. 51–56
  23. Dominique Lapierre et Larry Collins (1971), chap. 7, pp. 131–53
  24. Benny Morris (2003), p. 163
  25. Dominique Lapierre et Larry Collins (1971), p. 163
  26. Benny Morris (2003), p. 67
  27. Henry Laurens (2005), p. 83
  28. David Tal, War in Palestine, 1948: Israeli and Arab Strategy and Diplomacy, Routledge 2004 p. 89.
  29. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named morris2008p116
  30. David Tal, pp. 89–90.
  31. Dominique Lapierre et Larry Collins (1971), pp. 369–81
  32. Benny Morris (2003), pp. 242–43
  33. Benny Morris (2003), p. 242
  34. Benny Morris (2003), pp. 248–52
  35. Benny Morris (2003), pp. 252–54
  36. 36.0 36.1 36.2 36.3 36.4 Morris, 2003, p. 16.
  37. Martin Van Creveld, Sword and the Olive: A Critical History of the Israeli Defense Force, Public Affairs (1998) 2002 p. 78
  38. "A Wing and a Prayer". American Public Television. 
  39. A Wing and a Prayer, حاصل ڪيل 2015-12-11 
  40. Gelber, p. 73; Karsh 2002, p. 25.
  41. Karsh 2002, p. 25
  42. W. Khalidi, 'Plan Dalet: Master Plan for the Conquest of Palestine', J. Palestine Studies 18(1), pp. 4–33, 1988 (reprint of a 1961 article)
  43. Joseph, Dov. "The Faithful City – The Siege of Jerusalem, 1948." Simon and Suchuster, 1960. Congress # 60 10976. pp. 23, 38.
  44. Levin, Harry. "Jerusalem Embattled – A Diary of the City under Siege." Cassels, 1997. ISBN 9780304337651. pp. 32, 117. Pay £P2 per month. c.f. would buy 2lb of meat in Jerusalem, April 1948. p. 9
  45. "Mi5 Files of Jewish Interest "the activities of Irgun, the Jewish organisation involved or implicated in numerous acts of terrorism in the closing years of the British mandate in Palestine"". Nationalarchives.gov.uk. حاصل ڪيل 2014-06-29. 
  46. Benny Morris (2004), p. 16
  47. Gelber (2006), p. 7
  48. D. Kurzman, "Genesis 1948", 1970, p. 282.
  49. Henry Laurens, La Question de Palestine, vol.3, Fayard 2007 p. 70
  50. Bregman, Ahron (2010). Israel's Wars : A History Since 1947 (3rd ed.). London: Taylor & Francis. pp. 23, 24. ISBN 0415424380. https://books.google.com/books?id=K1hsUGt8fSMC&pg=PA24. 
  51. 51.0 51.1 Gelber (2006), p. 11
  52. Henry Laurens, La Question de Palestine, Fayard, 2007 p. 32.
  53. Gelber (2006), p. 11.
  54. "PDF copy of Cablegram from the Secretary-General of the League of Arab States to the Secretary-General of the United Nations: S/745: 15 May 1948: Retrieved 6 June 2012". Un.org. وقت 7 January 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2014-06-29. 
  55. Morris 2008 p. 187; quoting p. 24 of Kirkbride's memoirs
  56. {Yoav Gelber, 2006, p. 137.
  57. 57.0 57.1 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Karsh2002p26
  58. Gamal Abdel Nasser. "Nasser's memoirs of the first palestine war" (PDF). Journal of Palestine studies, Vol. 2 no. 2 (Win. 73): 3–32. صفحو. 9. وقت 28 September 2011 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. why did the first communique described the Palestine operations as a merely punitive expedition against the Zionist "gangs" 
  59. Morris (2008), p. 81.
  60. Benny (2008), p. 174.
  61. Martin Van Creveld,Sword and the Olive: A Critical History of the Israeli Defense Force,, Public Affairs (1998) 2002 p. 78
  62. Morris 2008 p. 185
  63. Morris, 2003, p. 35.
  64. Ben Gurion, David War Diaries, 1947–1949. Arabic edition translated by Samir Jabbour. Institute of Palestine Studies, Beirut, 1994. p. 303.
  65. Later, in the midst of the war, Yitzhak Rabin was succeeded by Joseph Tebenkin who led آپريشن ھا-ھار.
  66. 66.0 66.1 66.2 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Zamir2010p22
  67. Gelber (2006), p. 50.
  68. Karsh 2002, pp. 26–27
  69. 69.0 69.1 Karsh 2002, p. 27
  70. "TRANS-JORDAN: Chess Player & Friend". Time. 16 February 1948. Archived from the original on 1 February 2011. https://web.archive.org/web/20110201142817/http://www.time.com/time/magazine/article/0,9171,794208,00.html. Retrieved 20 April 2010. 
  71. Ma'an Abu Nawar, The Jordanian-Israeli war, 1948–1951: a history of the Hashemite Kingdom of Jordan, p. 393.
  72. Benny Morris, Victimes : histoire revisitée du conflit arabo-sioniste, 2003, pp. 241, 247–55.
  73. D. Kurzman, 'Genesis 1948', 1972, p. 382.
  74. I. Pappe, "The ethnic cleansing of Palestine", 2006, p. 129.
  75. Pollack, 2002, pp. 149–55.
  76. Yoav Gelber, 2006, "Sharon's Inheritance" آرڪائيو ڪيا ويا 5 June 2013 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  77. Rogan and Shlaim 2001, p. 8.
  78. Morris, 2008, p. 269.
  79. "Communication dated 11 May 1948 from J. Fletcher-Cooke of the United Kingdom delegation to the United Nations Commission on Palestine to Dr. Ralph J. Bunche, Principal Secretary to the Commission: Retrieved 15 December 2013". Unispal.un.org. وقت 12 December 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2014-06-29. 
  80. Yoav Gelber, Palestine 1948, 2006 – Chap. 8 "The Arab Regular Armies' Invasion of Palestine".
  81. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Gelber2006p138
  82. Sean F. McMahon,The Discourse of Palestinian-Israeli Relations: Persistent Analytics and Practices, Routledge 2010 p. 37: "If it wasn't for the Arab invasion there would have been no stop to the expansion of the forces of Haganah who could have, with the same drive, reached the natural borders of western Israel". Walid Khalidi, "Plan Dalet: Master Plan for the Conquest of Palestine," Journal of Palestine Studies, Vol. 18, No. 1, Special Issue: Palestine 1948, (Autumn,1988), pp. 4–33, p. 19.
  83. Tucker, Spencer C. (2008). The Encyclopedia of the Arab-Israeli Conflict: A Political, Social, and Military History. ABC-CLIO. p. 528. ISBN 9781851098415. https://books.google.com/books?id=YAd8efHdVzIC&pg=PA528. 
  84. Yoav Gelber (2006), p. 130.
  85. Morris, 2008, p. 263
  86. 86.0 86.1 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named morris2008p236
  87. 87.0 87.1 Karsh 2002, p. 56
  88. Wallach et al. (Volume 2, 1978), p. 29
  89. Tal, 2004, p. 179
  90. Morris, 2008, p. 239
  91. tal 2004 p. 182
  92. "1948: The War of Independence". Jewishvirtuallibrary.org. حاصل ڪيل 26 June 2010. 
  93. Karsh 2002, pp. 61–62
  94. Karsh 2002, p. 61
  95. 95.0 95.1 Karsh 2002, p. 62
  96. Morris, 2008, pp. 229–30
  97. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Morris2008p218
  98. (Benny (2008), "1948: The First Arab-Israeli War", Yale University Press, New Haven, ISBN 978-0-300-12696-9).Mordechai Weingarten
  99. Khalidi, Walid (1992). All That Remains: The Palestinian Villages Occupied and Depopulated by Israel in 1948. Institute for Palestine Studies. p. 480. ISBN 978-0-88728-224-9. https://books.google.com/books?id=_By7AAAAIAAJ. 
  100. "Virtual Aviation Museum – RWD 13". Luftfahrtmuseum.com. وقت 3 March 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 29 June 2014. 
  101. Hayles, John. "Israel Air Force Aircraft Types". John Hayles, aeroflight.co.uk. وقت 22 February 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  102. Bregman, 2002, p. 24 citing Ben Gurion's diary of the war
  103. Alfred A. Knopf. A History of Israel from the Rise of Zionism to Our Time. New York. 1976. p. 330. ISBN 978-0-394-48564-5.
  104. Hussein, Hussein Abu (2003). Access Denied: Palestinian Land Rights in Israel. Zed Books. p. 85. ISBN 1842771221. https://books.google.com/books?id=4hdL3AtNhw4C&pg=PA85. 
  105. "Operation Hiram". Zionism-israel.com. حاصل ڪيل 2014-06-29. 
  106. Morris|title=1948: A History of the First Arab-Israeli War|url=https://books.google.com/books?id=CC7381HrLqcC&pg=PA287+%7Cyear=2008%7Cpublisher=Yale University Press|isbn=978-0-300-14524-3|page=287}}
  107. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Karsh2002p64
  108. "Legal Status in Palestine". Lawcenter.birzeit.edu. وقت 3 November 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2014-06-29. 
  109. Tobin, Maurine and Robert (2002). How Long O Lord?: Christian, Jewish, and Muslim Voices from the Ground and visions for the future in Israel–Palestine. Cowley Publications. ISBN 9781561012145. https://books.google.com/books?id=zeWXoGGptHAC&pg=PT271. 
  110. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Shapira2014p173
  111. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Morris2009p79
  112. Adam M. Garfinkle (2000). Politics and Society in Modern Israel: Myths and Realities. M.E. Sharpe. p. 61. ISBN 978-0-7656-0514-6. https://books.google.com/books?id=si1oUnk5N3QC&pg=PA61. 
  113. Weinthal, Benjamin. "Compensation sought for... JPost – Jewish World – Jewish Features". Jpost.com. حاصل ڪيل 18 January 2013. 
  114. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named onwar
  115. Laurens 2007 p. 194
  116. General Progress Report and Supplementary Report of the United Nations Conciliation Commission for Palestine, Covering the Period from 11 December 1949 to 23 October 1950 آرڪائيو ڪيا ويا 20 May 2014 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., published by the United Nations Conciliation Commission, 23 October 1950. (U.N. General Assembly Official Records, 5th Session, Supplement No. 18, Document A/1367/Rev. 1)
  117. Government of Palestine, A Survey of Palestine, Supplement, p. 10 (1946)
  118. http://www.history.ac.uk/reviews/paper/hughesMatthew.htmlThe[مئل ڳنڍڻو] War for Palestine. Rewriting the History of 1948 by Eugene L. Rogan and Avi Shlaim . Retrieved 8 August 2009. Archived[مئل ڳنڍڻو] 11 August 2009.
  119. "Dr. Sarah Ozacky-Lazar, Relations between Jews and Arabs during Israel's first decade (in Hebrew)". وقت 1 July 2013 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 29 June 2013. 
  120. 120.0 120.1 "Palestine refugees". Unrwa.org. حاصل ڪيل 18 January 2013. 
  121. Joseph Ginat and Edward Joseph Perkins (2001). The Palestinian Refugees: Old Problems – new Solutions. University of Oklahoma Press. p. 140. ISBN 0806133937. "In order to highlight the plight of the refugees and to put pressure on Israel to admit responsibility for them, Arab countries (except Jordan) have denied citizenship rights to the Palestinians in their midst; in so doing, they claimed they were serving the interests of the Palestinians and supporting their right of return." 
  122. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Jerusalem Fund
  123. "Jewish Refugees of the Israeli Palestinian Conflict". Mideast Web. وقت 30 June 2013 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 April 2013. 
  124. Population, by Religion and Population Group. Israel Central Bureau of Statistics. 2006. http://www1.cbs.gov.il/reader/shnaton/templ_shnaton_e.html?num_tab=st02_01&CYear=2006. Retrieved 7 August 2007. 
  125. name=sachar_pp395-403 Sachar, pp. 395–403.
  126. Devorah Hakohen, Immigrants in Turmoil: Mass Immigration to Israel and Its Repercussions in the 1950s and after, Syracuse University Press 2003 p.267
  127. Displaced Persons retrieved on 29 October 2007 from the U.S. Holocaust Museum
  128. Tom Segev, 1949. The First Israelis, Owl Books, 1986, p. 96.
  1. This includes the entire military personnel count – both combat units and logistical units.[8]
  2. At maximum, not half of the forces of the Israelis but these numbers include only the combat units sent to the former mandate-territory of Palestine, not the entire military strength.[8]