مواد ڏانھن هلو

سرائيڪستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سرائيڪستان پاڪستاني پنجاب جي ڏاکڻي حصي ۾ جتي سرائيڪي ٻولي اڪثريت ۾ ڳالھائي وڃي ٿي ان علائقي ۾ ھلندڙ ھڪ تحريڪ آھي. ھن علائقي جي ماڻهن جو مطالبو آھي تہ کين الڳ صوبو ڏنو وڃي جو سندن علائقو مرڪزي پنجاب جي اشرافيہ طرفان نظرانداز ڪيو ويو آھي ۽ ھو مناسب ترقي نہ ڪري سگهيا آھن.

تاريخ

[سنواريو]

جنھن علائقي کي اڄ ڏکڻ پنجاب سڏيو وڃي ٿو، تاريخ منجهہ اهو علائقو ”ملتان سلطنت“ يا ”ملتان صوبي“ جو حصو رھيو آھي. اڄ بہ ڪي ماڻهو انھيءَ علائقي کي ’سرائيڪستان‘ سڏيندا آھن. انھيءَ علائقي، ڪڏھن بہ پاڻ کي ’پنجاب‘ نہ سڏيو آھي. ان علائقي ۾ اها سوچ آهي تہ رنجيت سنگهہ جي زماني کان وٺي اڄ تائين، سرائيڪي علائقي جي مالي وسيلن مٿان پنجاب قبضو ڄمايو ويٺو آھي ۽ پنجاب سندن ڦرلٽ ڪئي آهي. ان حوالي سان هڪ چوڻي بہ مشھور آهي جنھن ۾ پنجابي ڳالھائڻ واري پنجاب مٿان، ٽوڪ ڪيل آھي. چوڻي هن ريت آهي، ”پنجاب جي گڏھ بہ نہ ڌارجي، آٿر بہ کڻي ڀڄي ويندي.“ مطلب تہ پنجاب جي حاڪمن، سرائيڪي علائقي جو مال گهڻو لٽيو آھي، ھاڻي تن جي گڏھ مٿان بہ اعتبار ناھي. جيڪڏهن سندن گڏھِ تي ڪنھن آٿر رکيا آھن تہ اھا کوتي، آٿرن جھڙي شيءِ بہ نہ ڇڏيندي. بلڪي اھي بہ کڻي ڀڄي ويندي.[1]

حوالا

[سنواريو]