مواد ڏانھن هلو

نصر پور

بيھڪ: 25°19′N 68°22′E / 25.31°N 68.37°E / 25.31; 68.37
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نصرپور
نصرپور is located in سنڌ
نصرپور
نصرپور
جاگرافي بيهڪ: 25°19′N 68°22′E / 25.31°N 68.37°E / 25.31; 68.37
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
بلندي 42 ميل (138 ft)
آبادي (2012)
 •  ڪاٿو

 

50,000

نصرپور انگريزي (Nasarpur) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ٽنڊو الهيار ضلعو جو ھڪ شھر ۽ جيڪوٽنڊو الهيار تعلقو کان 11 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آھي.شھر کان ست ڪلوميٽرن جي فاصلي تي تاجپور ريلوي اسٽيشن آهي. سنڌ جي مشھور شاعر شاھ عنايت رضوي جو تعلق ھن شھر سان آهي.شھر ٻن يونين ڪائونسلن تي مشتمل آهي ۽ ان جي آبادي اٽڪل 52 ھزار آهي.

تاريخ

[سنواريو]

سنه 720ھ (سنه 1320ع) کان پوءِ جڏهن سومرن جي سنڌ تي حڪومت هئي ۽ دودو گاديءَ تي هو، تڏهن هن ٿرڙي ۽ محمد طور مان نڪري نصرپور تائين پنهنجو ملڪ وڌايو. سنه 880ھ (سنه 1484ع) ڌاري جڏهن ڄام سڪندر گاديءَ تي هو ۽ صغير هو، تڏهن سيوهڻ ۽ بکر جي حاڪمن فساد ڪيو، جنهن تي هو ٺٽي مان نڪتو ۽ بکر ڏي وڃڻ جو ارادو ڪيائين، پر جڏهن نصرپور ۾ آيو، تڏهن سندس هڪڙو نوڪر مبارڪ نالي، جو بهادر شخص هو، تنهن پاڻ کي ڄام سڏايو پر ٽن ڏينهن جي اندر هن کي ماڻهن ڀڄائي ڪڍيو. سنه 928ھ (سنه 1521ع) ۾ مرزا شاه بيگ جي مرڻ ڪري مرزا شاه حسن نصرپور ۾ پيءُ جي گاديءَ تي ويٺو، جو اهو شاه بيگ ٺٽي مان نڪري گجرات ڏي ٿي ويو ۽ رستي ۾ بيمار ٿي مري ويو. سنه 942ھ (سنه 1535ع) ۾ همايون بادشاه گجرات تي ڪاهي آيو. انهيءَ وقت گجرات جي بادشاه جي پاران خضر خان پَٽن ۾ حاڪم هو. بادشاه جي حڪم سان مرزا شاه حسن نصرپور مان نڪري پٽن جي ڪوٽ کي اچي گهيرو ڪيو. پر خضر خان هن کي هڪ لک رپيا رشوت ڏني ۽ هو هليو ويو. سنه 976ھ (سنه 1568ع) ۾ مرزا محمد باقي ترخان جي وقت ۾ سلطان محمود خان ارغون سردارن جي منٿن تي نصرپور جي قلعي کي اچي گهيرو ڪيو، پر خضر خان هن کي هڪ لک رپيا رشوت ڏني ۽ هو هليو ويو. سنه 976ھ (سنه 1568ع) ۾ مرزا محمد باقي ترخان جي وقت ۾ سلطان محمود خان ارغون سردارن جي منٿن تي نصرپور جي قلعي کي اچي گهيرو ڪيو، پر اڪبر بادشاهه جي ملتان ۾ اچڻ جو ٻڌي، گهيرو لاهي بکر ڏي هليو ويو. سنه 978ھ (سنه 1570ع) ۾ مرڻ کان ٿورو اڳي مرزا محمد باقي، اڪبر بادشاهه جي اچڻ جو ٻڌي سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ پنهنجا حاڪم مقرر ڪري ڇڏيا. نصرپور ۾ پنهنجي هڪڙي پٽ مرزا شاه رخ کي رکيائين ۽ شير علي ڪوڪه کي سندس مدد لاءِ رکيائين. ٻئي پٽ مرزا پاينده کي سيوهڻ ۾ رکيائين، پر سگهوئي شاه رخ مري ويو، تڏهن سندس جاءِ تي قاسم ارغون کي نصرپور جو حاڪم ڪري رکيائين. سنه 998ھ (سنه 1585ع) ۾ جڏهن اڪبر بادشاه نواب خان خانان کي سنڌ ڏي موڪليو ۽ هو سيوهڻ تي ڪاهي آيو، تڏهن مرزا جاني بيگ هن کي سامهون ٿيڻ لاءِ نڪري اچي نصرپور وٽ درياهه تي ٻيڙين ۾ منزل ڪئي. سگهو ئي اتي ٻيڙين جي جنگ لڳي، جنهن ۾ مرزا جي طرفان خسرو خان شڪست کاڌي. سنه 1008ھ (سنه 1599ع) ۾ مرزا غازي بيگ جي راڄ ۾ شاه قاسم ارغون جو پٽ ابوالقاسم سلطان، جو مرزا جاني بيگ جو سالو هو ۽ بهادر شخص هو ۽ نصرپور جو حاڪم هو، تنهن فساد ڪيو. تنهنڪري مرزا ٺٽي مان وڏي لشڪر سان هن تي ڪاهي آيو، پر پوءِ پاڻ ۾ صلح ڪيائون ۽ ابو القاسم نصرپور ۾ رهيو. سنه 1201ھ (سنه 1612ع) ڌاري خسرو خان چرڪس، جنهن کي مرزا غازي بيگ فساد ڪرڻ کان پوءِ ٺٽي ۾ رکيو هو، تنهن اتي سرڪاري پيسن جي نسبت ۾ خيانت ڪئي هئي، تنهن کي سائين ڏنه هندو خان حساب چڪاسڻ بعد گرفتار ڪرڻ لاءِ نصرپور ۾ آيو ۽ خسرو خان جي چورت تي ابوالقاسم سلطان سامهون ٿيڻ لڳس؛ پر نيٺ هن قلعو ورتو ۽ خسرو خان کي به گرفتار ڪيائين. سنه 1151ھ (سنه 1738ع) ۾ نادر شاهه بادشاهه سنڌ ۾ آيو ۽ ميان نور محمد بندوبست لاءِ لاڙڪاڻي ويو. پٺ تي ڌاراجه ۽ ڪڪراله جا ڄام وجهه وٺي لشڪر ٻيڙين تي چاڙهي نصرپور تائين آيا ۽ ملڪ ۾ ڦرمار ڪرڻ لڳا؛ پر ڪلهوڙن ڪنارن تان توبون ڇوڙي هنن کي ڀڄائي ڪڍيو. سنه 1168ھ (سنه 175ع) ۾ ميان نور محمد جي چوڻ تي ديوان گدومل بادشاهه کان سَنَد ۽ خلعت وٺي آيو ۽ ميان محمد مرادياب کي نصرپور ۾ پيءُ جي گاديءَ تي ويهاريائون ۽ ڏاڍيون خوشيون ڪيائون. سنه 1172ھ (سنه 1759ع) ۾ ميان غلام شاهه ۽ ميان عطر خان ٻنهي ڀائرن جو جهيڙو لڳو ۽ جنگ ٿي. آخر پرچاءُ ڪيائون ۽ ملڪ وراهيائون. شاه ڳڙهه کان نصرپور تائين ملڪ ميان غلام شاه کي مليو ۽ ٺٽو باقي حصي سان عطر خان ۽ سندس ڀاءُ احمد يار خان کي مليو. پر سگهوئي وري هنن پونين ٻن ڀائرن جو پاڻ ۾ تڪرار ٿيو. تنهن تي ميان غلام شاه نصرپور ۾ هيءَ خبر ٻڌي هنن جي ملڪ تي ڪاهي ويو ۽ آسانيءَ سان سڄي سنڌ پنهنجي هٿ ڪيائين. سنه 1201ھ (سنه 1786ع) ۾ جڏهن ميان عبدالنبي قلات جي خان جي مدد وٺي آيو، تڏهن مير فتح علي خان ونگ جي پاسي شڪار تي ٿي ويو. نصرپور ۾ گهڻا بلوچ سردار به ساڻس ويا. سندن غير حاضريءَ ۾ ڪاڇي جا ڪي بلوچ اچي ملڪ ڦري هليا ويا، جن کي پوءِ مير اچي سزا ڏني.[1]هاڻوڪي دور جا مؤرخ نصرپور جي عام هِجي ”ناصر پُور“ ٻُڌائين ٿا. ٻڌايو وڃي ٿو ته سلطان فيروز شاهه تغلق جي هڪ امير هيءُ شهر تعمير ڪرايو هو، جيڪو ساڱري درياهه جي ڪناري سان واقع هو. پر وڌيڪ صحيح ايئن ٿيندو، ته پراڻي شهر کي نئين سر اڏايو ويو هو. کيس دهلي جي تغلق سلطان 751ھ (1350ع) ۾ هڪ هزار لشڪر ڏئي انهيءَ مقصد سان موڪليو هو ان کان پوءِ نصرپور ۾ ترخان رهندا هئا. هن گهراڻي پنهنجي مختصر حڪومتي دور ۾ شهر کي ڏاڍو سهڻو بڻايو. چوڏس باغن جي بهاري لڳي پئي هوندي هئي.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. ايليئٽ ۽ ڊائوسن; ڪتاب:حيدرآباد جي تاريخ؛مصنف :حُسين بادشاهه؛ ايڊيشن:پهريون 2003ع؛ ڇپيندڙ:فائين ڪميونيڪيشن, حيدرآباد روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ