رسالو
رسالو (Treatise ) بنيادي طرح ’رسالو‘ عربي زبان جو لفظ آھي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”پيغام، سنيھو يا نياپو“. اھو ڪتاب، جنھن ۾ڪنهن بزرگ شخصيت جو ڪلام ھوندو آھي، ان کي بہ ’رسالو‘ چوندا آهن.[1] ڪن اھم مفيد موضوعن تي مختصر ڪتاب هوندو آهي، جن ۾ ڪنهن علم يا فن بابت مختلف، ڪارائتا ۽ دلچسپ مضمون لکي محفوظ رکبو آهي.جيئن تہ مشھور فارسي لغت ”غياث اللغات“ ۾ موسيقي، منطق ۽ عروض وغيره جي موضوعن تي رسالا شامل آهن. اهڙا رسالا فارسي ۾ جام لکيا ويا آھن. فارسي ۾ ننڍي کنڊ ۾ نظم جي ڪتابن کي به رسالو چيو ويو آھي. حضرت ميان مير سنڌي لاهوريءَ جي مريد خاص ۽ شاهجھان، ان جي ڌيءَ جھان آرا ۽ پياري ،پٽ دارا شڪوه جي مرشد ملا شاھ بدخشي جي مثنوين کي ”رسالي“ جو نالو ڏنو ويو آهي، جيئن تہ ”رسالہ حمد و نعت“ ، ”رسالہ ولوله“ ۽ ”رساله نسبت“ . ڪن رسالن ۾ ھڪ کان وڌيڪ موضوعن تي ننڍا ننڍا مقالا گڏ ڪري ”رسالي“ جو نالو ڏنو ويندو آھي. سنڌي ۽ اردو ۾ ماھوار ميگزين کي رسالو انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو تہ ان ۾ جدا جدا موضوعن تي مضمونن کان سواءِ شاعرن جو ڪلام بہ ھوندو آھي. محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جھڙي محقق ۽ عالم بہ شاھ عبداللطيف ۽ لطف الله قادريءَ جي رسالن جي سلسلي ۾ اھڙن رسالن جو ذڪر ڪيو آھي، پر خبر نہ ٿي پوي تہ سنڌي شاعرن جي ڪلام کي رسالي جو نالو ڪڏھن کان وٺي ڏنو ويو آھي ۽ پھريون رسالو ڪنھن ۽ ڪڏھن گڏ ڪيو ھو.[2]
سنڌي شاعرن جا رسالا
[سنواريو]سنڌي شاعرن جي ڪلام کي ”رسالي“ جو نالو انهيءَ ڪري ڏنو ويو آهي ته ان جي هر سُر (فصل) ۾ جدا جدا راڳن، لوڪ داستانن ۽ موضوعن بابت ڪلام گڏ ڪيو ويندو آھي. اھڙا رسالا رڳو سنڌي شاعرن ئي مرتب ڪيا آھن. ڪنھن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ شاعرن جي ڪلام کي رسالو نہ چيو ويو آھي. سنڌي رسالي جي ترتيب نھايت سھڻي ۽ مڪمل آھي. رسالي جي انهيءَ ترتيب جي جاچ ڪبي تہ معلوم ٿيندو تہ اھڙو سھڻو انداز ۽ نئين ترتيب اک ڇنب ۾ پيدا نہ ٿي ھوندي، ان جو ضرور ڪو پس منظر ھوندو، ڪا تاريخ ھوندي. ھن مختصر مضمون جو مقصد انهيءَ پس منظر جي ڳولا آھي.[2]
شاھ جو رسالو
[سنواريو]سنڌي رسالي جي معياري ترتيب اسان کي حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي صورت ۾ نظر اچي ٿي. دراصل رسالي جي ترتيب جا تجربا انهيءَ رسالي جي سلسلي ۾ ئي ٿيا آھن ۽ رسالي جي ترتيب ۾ شاھ جي رسالي کي ئي مرڪزي حيثيت حاصل رھي آھي. شاھ جي رسالي کان اڳ ڪو رسالو اھڙي ترتيب ھيٺ مرتب ٿيو ھو يا نہ ؟ ٿيو ھو تہ ان جي ترتيب ڪھڙي ھئي ؟ ان ۾ ڪھڙا ڪھڙا سر ھئا ، ان بابت ڪجهہ چئي نہ ٿو سگهجي ، ڇو جو ان کان اڳ جو ڪو رسالو اڃا تائين ملي نہ سگهيو آھي.[2] شاھ جي بزرگ ھمعصر شاعر ميين شاھ عنات رضوي بہ رسالو مرتب ڪيو يا ان جو ڪلام بياض جي صورت ۾ ھو؟ ٻنهي صورتن ۾ ان جي ترتيب ڪھڙي ھئي؟ ميين شاھ عنات رضوي جي ڇپيل رسالي جي ترتيب تي تہ شاھ جي رسالي جو ا ثر نمايان آھي. ميين شاھ عنات جي ڪلام ۾ انهيءَ خاندان جي ٻين شاعرن جو ڪلام بہ شامل ھو، پر ڇپيل رسالي ۾ موجوده ترتيب ۾ گڏ ڪيل آھي. جيڪڏھن اصل خطي نسخي ۾ ائين آھي تہ شاھ عنات جو ڪلام بہ بياض جي صورت ۾ ھوندو. شاھ عنات رسالي يا بياض جو انداز ڪھڙو آھي، اسان کي پڪ نہ آھي، پر ڇپيل رسالو شاھ جي رسالي جي انداز ۽ ساڳي ترتيب ۾ مختصر ڪيل آھي.[2]
شاھ جي رسالي کان اڳ سنڌي شاعرن جو ڪلام مجموعن جي صورت ۾ نٿو ملي ۽ گهڻو ڪري بياضن، ملفوضات يا تصوف جي ڪتابن ۾ درج ٿيل آھي. پر شاھ جي رسالي جي ترتيب (توڻي بياض جي صورت ۾ ڇو نہ ھجي) خاص آھي. انهيءَ ترتيب جا ٻہ نمونا آھن. پھريون نمونو سُر سھڻي سان شروع ٿئي ٿو ۽ ٻئي سلسلي جي شروعات سُر ڪلياڻ سان ٿئي ٿي. پر ٻي ترتيب وڌيڪ رائج ۽ مقبول آھي. اڄ بازار ۾ عام طور جيڪي رسالا ملن ٿا، انهن جي شروعات سُر ڪلياڻ سان ٿئي ٿي ۽ محققن انهيءَ ترتيب کي معياري قرار ڏنو آھي، ڇو جو انهيءَ جو سلسلو شاھ ڪريم جي درگاھ واري گم ٿيل رسالي سان ملي ٿو. البتہ شاھ جي درگاھ تي رکيل سڀ کان جهوني رسالي ”گنج“ جي شروعات سُر سھڻي سان ٿئي ٿي.[2]
رسالي جي ترتيب موسيقي تي ٻڌل آھي. ان جي ھر ھڪ باب يا فصل کي سرود يا سُر چون ٿا ۽ وڌيڪ تعداد ۾ سُر ڪنھن نہ ڪنھن راڳ جي نالي سان منسوب آھن ھر سُر ۾ جيترو ڪلام آھي، سو انهيءَ سُر سان منسوب راڳ ۾ ڳايو ويندو آھي. اھڙي ريت سُر يا سرود رسالي جو ھڪ باب يا فصل بہ آھي ۽ راڳ بہ. اهو لفظ ٻنهي معنائن ۾ ڪتب آندو ٿو وڃي.[2]
شاھ جي رسالي ۾ ٽيھ سُر آھن. رڳو علامہ آءِ - آءِ- قاضي مرحوم جو مرتب ڪيل رسالو اُڻٽيھن (29) سُرن تي مشتمل آھي، انهيءَ ڪري ڪن صاحبن وٽ اختلافي ٿي پيو آھي. جهونن رسالن جي جدا جدا نسخن ۾ ٻٽيھ (32) کان (36) تائين سُرن جا نالا ملن ٿا ، پر ٽيھن کان مٿي وارا سُر الحاقي آھن. اھي سُر شاھ سائين جا چيل ڪونهن. انهن ۾ ٻين شاعرن جو اھڙو ڪلام آھي، جو شاھ جي محفلن ۾ ڳايو ويندو ھو. البتہ ٻين شاعرن جي رسالن ۾ سُرن جو تعداد شاھ سائين جي رسالي جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آھي.[2]
ميگزين
[سنواريو]رسالو (Magazine) مختلف ليکڪن جي لکڻين کي گڏي ڇپايل ڪتاب کي ”رسالو” ڇيو ويندو آھي. رسالن جا مختلف قسم آھن. جيئن ھفتيوار رسالا، پندرھن روزه رسالا، ٽماھي رسالا يا ساليانا رسالا وغيره. انگريزن جي دؤر۾ ’رسالي‘ لفظ سنڌي ادب ۾ مخدوم معين ٺٽويءَ جو شاھ لطيف کي جواب ”رسالہ اويسيہ“ نئين معنيٰ ورتي، يعني ادبي ، سياسي، سماجي، فنون لطيفہ ۽ فلمي دنيا جي مختلف موضوعن تي مبني شعر ۽ نثر جي ترتيب کي پڻ رسالو سڏيو ويو. [1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
- ↑ 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 سنڌي رسالي جي ترتيب ۽ ان جو پس منظر؛ الياس عشقي، مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986ع؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.